ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڀومي پيڊنيڪر انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ننڍپڻ ۾ اداڪار عمران خان کي تمام گهڻو پسند ڪندي هئي.
هڪ ڏهاڪي تائين اداڪاري کان پري رهڻ بعد عمران خان نيٽ فلڪس جي ايندڙ فلم ” اڌوري هَم، اڌوري تُم“ذريعي واپسي ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ڀومي پيڊنيڪر مُک ڪردار ۾نظر ايندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران 37 سالن جي ڀومي پيڊنيڪر عمران خان سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت تجربي تي ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته هوءَ سندس شروع کان مداح رهي آهي.
هن چيو ته ٻالڪپڻ ۾ عمران خان منهنجو ”ڪرش“ هو.
اداڪارا عمران خان سان پنهنجي نئين فلم بابت ڳالهائيندي چيو ته ”اڄ ڪلهه اهڙيون رومانوي ڪاميڊي فلمون گهٽ ئي ٿيون ٺهن، جڏهن مون فلم جي ڪهاڻي پڙهي ته اِها مون کي ڏاڍي وڻي، هيءَ هڪ نفيس ۽ نهايت دلڪش محبت جي ڪهاڻي آهي.“
واضح رهي ته اداڪارا ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا عمران جي اداڪاري جي واکاڻ ڪري چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته جن اداڪارن کي هوءَ نوجواني ۾ پسند ڪندي هئي، اڄ انهن سان اسڪرين شيئر ڪرڻ هڪ خوشگوار ۽ يادگار تجربو آهي.