هن ڀيري قرباني ڏاڍي اسٽائلش هئي: ناديه خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان ناديه خان هلندڙ سال آن لائين قرباني واري انوکي تجربي کي ”اسٽائلش قرباني“ قرار ڏئي ڇڏيو.
ميزبان ناديه خان تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هن ٻڌايو ته ”هن ڀيري عيد تي مون کي پيڪيٽس مليا، پر اُهي گلابي پيڪيٽس نه هئا، پر ٻَڪري جي گوشت جا پيڪيٽس هئا.“
ناديه خان چيو ته ”مان جنهن سوسائٽي ۾ رهان ٿي، اتي جانور ذبح ڪرڻ جي اجازت نه آهي، ان کان اڳ جنهن سوسائٽي ۾ رهندي هيس، اتي قرباني لاءِ خاص خيما لڳايا ويندا هئا، هتي اها اجازت نه آهي، ان ڪري اسان کي آن لائين قرباني ڪرڻي پئي.“
هن چيو ته ”مون کي فون آئي ته اسان کِل ۽ سري نه موڪلي سگهنداسين، پر قرباني جو گوشت صاف سٿري پيڪيٽس ۾ اوهان تائين پهچائي ڇڏينداسين، جنهن کانپوءِ مون کي اٽڪل 15 ڪلو گوشت پيڪ ٿيل صورت ۾ مليو.“
ناديه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”هن سال منهنجي قرباني واقعي تمام گهڻي اسٽائلش رهي، ڇاڪاڻ ته مون کي رڳو پيڪيٽس وصول ڪرڻا هئا.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.