سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي ماڻهن جو ساهه سُڪائي ڇڏيو

اسلام آباد/ ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ سخت گرمي، پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي، ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو ، جڏهن ته سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان جي ضلعن ۾  سخت گرمي برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي، محڪمو موسميات موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موسم گرم ۽ جزوي طور ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي، خيبرپختونخوا جي اڪثر ضلعن ۾ به موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، پنجاب جي گهڻن ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مري ۽ گليات ۾ به جزوي ڪڪرائتي موسم رهندي، ساهيوال، بهاولنگر، بهاولپور، رحيم يار خان، ڊيرا غازي خان، ليه، ڀڪر ۽ راجن پور ۾ منجهند کان پوءِ تيز هوائون، طوفان ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي، سنڌ ۾ گهڻن ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو، جڏهن ته ڏکڻ اوڀر وارن ضلعن ۾ جزوي ڪڪرن واري موسم جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن سنڌ ۾ سخت گرمي رهي، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هوا سبب گرمي جو زور گهٽ رهيو، حيدرآباد، سيوهڻ، دادو، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ سخت گرمي رهي، ڪجهه ڏينهن کان وٺي دادو ۾ گرمي پد 50 کان 55 سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو، شهري گهرن تي محدود ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.