ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بندش 12 ڪلاڪن کان به وڌي وئي، اورنگي، ڪورنگي، لياري، ماڙي پور ۽ لائنز ايريا سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي بندش سبب روزمره زندگي سخت متاثر ٿي آهي. قائدآباد، ملير، منگهوپير، ڪيماڙي، سرجاني ۽ نيو ڪراچي ۾ به ڪلاڪن تائين بجلي غائب رهڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، سولجر بازار، هاڪس بي روڊ ۽ گلشن معمار جا رهواسي به لوڊشيڊنگ سبب سخت پريشان آهن، جڏهن ته ملير ۽ لانڍي ۾ به بار بار بجلي بند ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي بندش خلاف شهري سڙڪن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، خاص طور تي اورنگي ٽائون ۾ احتجاجي مظاهرا ڏٺا ويا، اورنگي ۽ بلديه ٽائون سميت ڪيترن علائقن ۾ 2 کان 3 ڏينهن تائين بجلي مڪمل طور تي غائب رهڻ جون به شڪايتون سامهون آيون، شهري مطالبو ڪري رهيا آهن ته غير اعلانيه لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪئي وڃي، ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ اڻ اعلانيل 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته بجلي بندش گهڻو ڪري بلن جي عدم ادائيگي سبب ڪئي وڃي ٿي.