شڪارپور ۾ ڏوهارين کي جي يو آءِ جي سرپرستي حاصل آهي:شهريار مهر

شڪارپور (عوامي آواز نيوز) پيپلزپارٽي ايم اين اي شهريار مهر جي يو آءِ ۽ جتوئي برادري تي سنگين الزام هڻندي چيو آهي ته اسان امن جي خاطر ٻن ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو، جتوئي ڌر فتويٰ نه ٿي اچڻ ڏي، چون ٿا پوليس عيوضا ڀري ڏي، شڪارپور ۾ هڪ ذات ناسور بڻيل آهي 90 پرسنٽ ان ذات  جا ماڻھو ڪرائم سان وابسته آھن، صحافي به دٻيل آھن انھن جا نالا نه ٿا کڻن، اوهان وڃي ڏسو ته اوهان کي حقيقت جي خبر پئجي ويندي، جيڪو به ايس ايس پي آيو آهي ان هتي ايڪشن کنيو آهي، ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته ڪجهه وقت اڳ هڪ ايس ايس پي 100 کان مٿي ڏوهاري ماريا جن ۾ 50 کن ان ذات جا ماڻهو ملوث هئا، هو پوليس کان نٿا ڊڄن، هاڻي انهن ڏوهارين کي جي يو آءِ تحفظ فراهم ڪيو آهي، شهريار خان مهر بغير نالي کڻڻ جي علامه راشد محمود سومرو تي ڏوهارين جي مدد ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ چيو ته سوڪالڊ عالم مذهب جي آڙ ۾ هاڻ ڏوهارين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، شڪارپور ۾ باهه ٻري پئي آهي، اسان ته امن ٿا چاهيون، ضلعي سان ناانصافي ٿي رهي آهي، پنهنجو تڪ، پنهنجا علائقا ڇڏي توهان بابا هتي شڪارپور ۾ اچي هريو آهين، توهان کي شڪارپور پاليو آهي، تون پنهنجي چار ووٽن لاءِ ڪيڏانهن کان ڪاڏي شڪارپور جي علائقي جي امن امان کي پکيڙي ڇڏيو، هيڏي ڌڙي سان گڏ ويهي پريس ڪانفرنس ٿو ڪري ته پوليس ٽن ڏوهارين جو خون ڀري ڏي، اڙي بابا تون انهن جو رڪارڊ ته چيڪ ڪر، تنهنجا ووٽ ضرور هئا اهو اسان مڃون ٿا 80 سيڪڙو ووٽ ڏوهارين جا هن وقت جي يو آءِ جو ووٽر آهي هن ضلعي ۾، جيڪڏهن ان جي تصديق ڪرڻي آهي اوهان کي ته اوهان پولنگ اسٽيشنون ڪڍو، شڪارپور جا نوگو ايرياز ڪڍو، اهي 22 پولنگ اسٽيشنون ڪڍواهو ووٽ ڪنهن کي مليو آهي، اهي سڀ ڳالهيون اوهان جي سامهون آهن هن پنهنجي ذاتي کي، پارٽي سرخرو ڪرڻ لاءِ هن ضلعي جي امن امان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.