ٽرانسجينڊر بڻجي بيهودگي ڪرڻ ڪاميڊي ناهي: بشرا انصاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا بشرا انصاري مشهور ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جي شو سميت اهڙي قسم جي ٻين ڪاميڊي شوز تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

رپورٽس موجب اداڪارا تازو هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي دلچسپ خيالن جو اظهار ڪيو. ڪپل شرما جي ڪاميڊي شو بابت ڳالهائيندي بشرا انصاري چيو ته شو ۾ هر اداڪار ٽرانسجينڊر جو روپ اوڍي ماڻهن کي کلائڻ جي ڪوشش ڇو ٿو ڪري؟ هن چيو ته هاڻي اهڙي عمل کان کيس چِڙ محسوس ٿيڻ لڳي آهي.

هن سوال اٿاريو ته ڇا ٽرانسجينڊر يا عورت جو روپ اوڍي غيرسنجيده ۽ بيهودا ڳالهيون ڪرڻ کي ڪاميڊي چئي سگهجي ٿو؟ سندس چوڻ هو ته هڪ يا ٻه ڀيرا اهڙو ڪرڻ سمجه ۾ اچي ٿو، يا جيڪڏهن ڪو باقاعده ٽرانسجينڊر ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي ته اها ڳالهه ڌار آهي، پر هاڻي مسلسل اهڙو مواد پيش ڪيو پيو وڃي.

بشرا انصاري وڌيڪ چيو ته ڇا ماڻهن کي اهو سٺو لڳندو ته سينيئر اداڪارائون هميشه مردن جو روپ ڌاري اسڪرين تي اچن ۽ سبتا سبتا مذاق ڪن؟ هن جو خيال هو ته ڪاميڊي لاءِ اهڙن طريقن تي ضرورت کان وڌيڪ ڀاڙڻ مناسب ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.