ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي ۾ غير منصفاڻي گهٽتائي ڪراچي لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري رهي آهي. لڳاتار گهٽتائي جو سڌو اثر به ڪراچي تي پئجي رهيو آهي، جتي اڳ ئي پاڻي جي گهرج ۽ فراهمي ۾ وڏو فرق موجود آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ گذريل ڪيترن ڏينهن کان 22 سيڪڙو پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته ارسا سنڌ جي جائز اعتراضن کي نظرانداز ڪندي نام نهاد ”شارٽيج ايڪولائيزيشن“ جي نالي تي صوبي جو حصو وڌيڪ گهٽائي رهيو آهي، جيڪو ناقابلِ قبول آهي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ارسا جو هاڻوڪو رويو 1991 جي پاڻي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ سنڌ سان ناانصافي آهي. گڊو بئراج تي 42 سيڪڙو ۽ ڪوٽري بئراج تي 29 سيڪڙو تائين پاڻي جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌ ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي ته غير معمولي برساتن سبب دريائي نظام ۾ ايندڙ اضافي پاڻي کي صوبي جي حصي مان نه ڪٽيو وڃي، پر ارسا اهڙا فيصلا ڪري رهيو آهي جن سان اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته 1991 جي واٽر اپورشنمينٽ معاهدي تحت سنڌ جي حقن جو مڪمل تحفظ ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به صوبي کي ٻئي صوبي جي حصي تي ترجيح نٿي ڏئي سگهجي. هڪ پاسي سنڌ جي زرعي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ٻئي طرف چشمه،جهلم ۽ تونسا، پنجند لنڪ ڪينالن ذريعي وڏي مقدار ۾ پاڻي منتقل ڪيو پيو وڃي. جڏهن صوبي جا بئراج ۽ واهه کوٽ جو شڪار آهن ته پوءِ لنڪ ڪينالن کي ترجيح ڇو ڏني پئي وڃي؟
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڻي جي کوٽ جا اثر ڪراچي جي پيئڻ جي پاڻي، صنعتن ۽ گڏيل معاشي سرگرمين تي به پوندا ۽ اها صورتحال ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول ناهي. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ارسا جي فيصلن جو فوري نوٽيس ورتو وڃي.