تهران(ويب ڊيسڪ)ايران پنهنجي بحري دفاعي صلاحيتن ۾ اهم واڌارو ڪندي هڪ جديد فاسٽ اٽيڪ ٻيڙي ” 27 رجب“ متعارف ڪرائي آهي، جيڪا ڊگهي مفاصلي تائين ڪروز ميزائل فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ايراني نيم سرڪاري خبر ايجنسي فارس موجب، ” 27 رجب“ نالي هي جديد جنگي ٻيڙي جو افتتاح تهران جي انقلاب اسڪوائر ۾ هڪ خاص تقريب دوران ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، هي ٻيڙي 100 ناٽس (تقريباً 185 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) جي رفتار حاصل ڪري سگهي ٿي، جنهن سبب اها دنيا جي تيز ترين فوجي بحري ٻيڙين ۾ شمار ٿي سگهي ٿي.
خبر ايجنسي جو چوڻ آهي ته جديد ميزائل نظام واري هي حملي آور ٻيڙي ڊگهي مفاصلي تائين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ ان جي شموليت ايران جي بحري جنگي طاقت ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور ڏٺي پئي وڃي.
ايراني اختيارين ”27 رجب“ جي کي ملڪ جي وڌندڙ بحري دفاعي صلاحيتن ۽ فوجي صلاحيتن جي پاڻ ڀرو ٿيڻ جي نئين علامت قرار ڏنو آهي.