ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي گورنر کي ان ڪري هٽايو، ڇو ته هو سندن غيرقانوني ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻيل هو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جتي جتي قبضه مافيا سرگرم آهي، اسان آواز اٿارينداسين ۽ ايم ڪيو ايم ان کي چئلينج ڪري ٿي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اين او سي ڪيئن ڏني وئي؟ قبضو ڪيل زمين کي قانوني جواز ڏنو ويو آهي. 62 ايڪڙ هِل پارڪ جي زمين آهي، هاڻي هتي قبضو نه هلندو.
فاروق ستار چيو ته هن ڀيري هو بلدياتي چونڊن ۾ مڪمل تياري سان لهندا. قبضا مافيا کي هاڻي ڪراچي جا ماڻهو معاف نه ڪندا. 18 سالن کان ڪراچي کي قبضا مافيا جي حوالي ڪيو پيو وڃي. پي اي سي ايچ سوسائٽي جي زمينن تي به قبضو ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه پهريون ڀيرو نه ٿي رهي آهي، 1947 کان 1970 تائين ڪراچي وفاق جي ماتحت هو.
هن وڌيڪ چيو ته شهر جون ٽڪريون ڪٽي پلاٽ ٺاهيا پيا وڃن ۽ مهانگي اگهن تي وڪرو ڪيا پيا وڃن. وسيم اختر ۽ سندس ميئر شپ واري دور ۾ به ٽڪريون ڪٽي پيون ويون. رهائشي پلاٽن تي به ڪاروباري سرگرميون ٿي رهيون آهن، پر ڪو به پڇڻ وارو ناهي. هن وقت زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، ڏوهه وڌي رهيا آهن ۽ ڪراچي ڏوهارين جو مرڪز بڻجي رهيو آهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪراچي جي سموري زمين جي ليز ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي (KMC) کي ڏني وڃي. ميئر ڪراچي جي ذميواري آهي ته هو قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري. KMC جا آفيسر به قبضه مافيا سان مليل آهن. جڏهن هو ميئر هو ته هن هِل پارڪ واري جاءِ تان قبضو ختم ڪرايو هو.