فاروق ستار فرسودا اسڪرپٽ ذريعي عوام کي گمراهه نٿو ڪري سگهي، شرپسندن کي روڪيو ويندو: سعديا اقبال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته فاروق ستار پراڻي ۽ بي بنياد ڪهاڻين ذريعي عوام کي وڌيڪ گمراهه نٿو ڪري سگهي.

فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته فاروق ستار جا الزام سدائين ساڳيا آهن، جڏهن توهان وٽ اقتدار هو تڏهن شهر کي تباهي ڏانهن ڌڪيو، هاڻي جيڪو شهر ٻيهر ٺهي رهيو آهي اهو توهان کان ڏٺو نٿو وڃي.

سعديه جاويد چيو ته جيڪا پارٽي سالن تائين ڀتاخوري ۽ خوف جي علامت رهي آهي، اڄ اها ڪهڙي منهن سان ڳالهائي رهي آهي؟

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ئي شهر کي ڀتاخورن ۽ مافيا کان نجات ڏياري امن بحال ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جا تربيت يافته شرپسند عنصر ٻيهر ڪَر کڻڻ چاهين ٿا، پر امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قانون تحت سختي سان روڪيو ويندو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته فاروق ستار جي يادداشت ڪمزور آهي، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي ڪنهن تباهه ڪيو؟ عوام سڀ ڄاڻي ٿو. هِل پارڪ ۽ ٻين تفريحي هنڌن تي ڪنهن به غيرقانوني ڪم جي اجازت نه ڏني ويندي. هِل پارڪ هجي يا گل پلازا، قانون سڀني تي هڪجهڙو لاڳو ٿيندو.

هن چيو ته ماضي ۾ شهر کي ڪنڪريٽ جو جنگل بڻائڻ وارا ۽ ٻارهين مئي جا ذميوار اڄ پاڻ کي پاڪ صاف ظاهر ڪري رهيا آهن. ناڪاري ۽ الزام بازي واري سياست جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي فيصلو رڳو ميرٽ ۽ ڪارڪردگي تي ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته وسيم اختر سياست ڇڏڻ جون ڌمڪيون نه ڏئي، عوام اڳ ئي توهان کي رد ڪري چڪو آهي. ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو خواب ڏسڻ وارا بيوقوفن جي دنيا ۾ رهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.