سنڌ جو سياسي ماحول مٽجي پيو، خاموش پارٽيون به سرگرمي ٿي رهيون آهن: جونيئر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته سنڌ جو سياسي ماحول تبديل ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي اهي پارٽيون به سرگرم ٿي رهيون آهن، جيڪي اڳ خاموش يا غيرفعال هيون.

رهڙڪي پهچڻ تي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر هندو اڳواڻ سنت ساڌرام جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي سماجي ۽ عوامي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته سنت ساڌرام جي وڇوڙي تي کيس گهڻو ڏک ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ وڏو نالو ۽ عوامي شخصيت هو.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو سياسي ماحول بدلجي رهيو آهي ۽ هاڻي اهي سياسي پارٽيون به ميدان ۾ اچي رهيون آهن، جيڪي اڳ خاموش يا غيرفعال رهيون.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سالن تائين سندن سامهون ڪو مضبوط سياسي مقابلو نه هو، تنهن ڪري عوامي مسئلن ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو ويو. سندس چوڻ موجب ماڻهو هاڻي هاڻوڪي سياسي صورتحال کان بيزار ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته پراڻا ساٿي ۽ اهي ماڻهو، جيڪي ٻيهر گڏ ٿيڻ چاهين ٿا، سڀ هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿين. جڏهن سڀ متحد ٿي ويندا، تڏهن چونڊن بابت فيصلو ڪيو ويندو.

صحت جي شعبي بابت ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي پگهارن جا مسئلا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڏکيائون موجود آهن.

تنهن هوندي به هن اهو به چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڪجهه سٺا ڪم به ٿيا آهن، خاص طور تي لاڙڪاڻي جي چلڊرن وارڊ کي هن بهتر قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.