ممبئي(ويب ڊيسڪ) 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جئڪلين فرنينڊس سميت 15 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي عدالت 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بالي ووڊ اداڪار جيڪولين فرنينڊز سميت 15 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب جن ماڻهن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جو مک جوابدار سُڪيش چندرشيخر، سندس گهرواري لينا ماريا پول، پنڪي ايراني ۽ ديپڪ رمناني سميت ٻيا به شامل آهن.
نئين دهلي جي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته موجود شاهدن جي بنياد تي سڀني جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ جي روڪٿام واري قانون تحت ڪيس لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سڀني جوابدارن کي 3 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.
رپورٽن موجب جئڪلين فرنينڊس جو نالو گذريل ڪجهه سالن کان سڪيش چندرشيخر خلاف هلندڙ مني لانڊرنگ جاچ دوران سامهون ايندو رهيو آهي، جڏهن ته انفورسمنٽ ڊائريڪٽوريٽ (اي ڊي) ڪيترائي ڀيرا اداڪارا کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪري چڪي آهي. جاچ موجب سڪيش چندرشيخر تي الزام آهي ته هن مختلف ماڻهن کان ڀتو خوري ۽ مالي فراڊ ذريعي ڪروڙين رپيا حاصل ڪيا، جڏهن ته ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته جئڪلين فرنينڊس سڪيش چندرشيخر کان قيمتي تحفا ۽ مالي فائدا حاصل ڪيا هئا.