وڏي وزير پاران ريڊ لائن،عظيم پورا فلاءِ اوور ۽ شاهراهه ڀٽو جو دورو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر جي اهم ترقياتي رٿائن جي سندس لڳاتار پنجين آچر واري دوري دوران ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور، تعمير ھيٺ عظيم پورا فلائي اوور ۽ تازو افتتاح ڪيل شاهراهه ڀٽو جو معائنو ڪيو. شاهراهه ڀٽو جي دوري کانپوءِ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت پاران شھرين لاءِ 15 جون تي عظيم پورا فلائي اوور جو افتتاح ڪيو ويندو. هن ريڊ لائين رٿا تي نمايان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي عظيم پورا فلائي اوور کي 15 جون تائين ٽريفڪ لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته شاهراهه ڀٽو تي عوامي تحفظ ۽ ٽريفڪ جي نظم و ضبط کي يقيني  بڻائڻ لاءِ 24 ڪلاڪ پوليس پيٽرولنگ، موٽر سائيڪلن جي داخلا تي پابندي ۽ اي چالان سسٽم کي فوري طور فعال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. سينئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ وڏي وزير سان گڏ هئا. مختلف هنڌن تي ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمانڊر ايف ڊبليو او ڪراچي بريگيڊيئر عدنان، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا، سي اي او واٽر بورڊ احمد صديقي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ۽ انجنيئر موجود هئا. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو تي 24 ڪلاڪ موثر پوليس پيٽرولنگ يقيني بڻائي وڃي، وڏي وزير ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين رٿا جو لڳاتار پنجين آچر تي به دورو ڪيو ۽ مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور ۽ نيڪاليءَ واري نظام جي ڪم تي ٿيندڙ نمايان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت جي مسلسل نگراني سبب زميني سطح تي واضح نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته مڪسڊ ٽريفڪ لينز، ڊيلينيٽر والز، ڊرينيج سسٽمز ۽ يوٽيلٽي منتقلي تي هڪ ئي وقت ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي رٿا ڪراچي لاءِ سڀ کان اهم شهري ٽرانسپورٽ رٿائن مان هڪ آهي. هن سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ ٺيڪيدارن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار برقرار رکي وڃي ۽ رٿا کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان هر آچر هن رٿا جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اسان ڪراچي جي شهرين کي جديد، موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.