28هين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت مٿان وار آهي: وسند ٿري

ميرپور ساڪرو (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نورنبي پليجو، ضلعي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، رياض عباسي، بلاول لاشاري، ﷲ بخش بلوچ، مظھر لاشاري ۽ ٻين اڳواڻن پاران دانڌاري، جنگي سر، ٻگھاڻ، ڳاڙھو ۽ ٻين علائقن کان پوءِ ميرپور ساڪرو ۾ دڪاندارن، پورھيتن، ھارين، واپارين ۽ عام شهرين سان ملاقاتون ڪيون ويون ۽ کين عوامي تحريڪ جي باني ۽ عظيم انقلابي مفڪر رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي جي موقعي تي آمريڪي سامراجي دهشتگردي، مهانگائي ۽ عورتن جي قتلام خلاف جلسي عام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان سلسلي ۾ سوشل هائوس ميرپور ساڪرو ۾ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي وئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري  چيو ته 28هين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت مٿان وار آهي. 28هين آئيني ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي ساحلي پٽي، ڪوھستان ۽ ڪينجهر جهڙن قدرتي وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. ان سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب مظلوم عوام جو جيئڻ مشڪل بڻايو ويو آهي. سرڪار مهانگائي ڪري ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.