نصرالله گڏاڻي جي ٻي ورسي، جلسو، هزارين ماڻهو شريڪ، شهيد جو مشن جاري رکڻ جو عزم

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير/ علي وسير) بهادر صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي ٻي ورسي جي موقعي تي سندس اباڻي ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ هڪ پروقار ۽ جذباتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪري شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب دوران اڳواڻن شهيد نصرالله گڏاڻي جي بهادري، بيباڪي ۽ حق ۽ سچ لاءِ سندس جدوجهد کي ڀرپور لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب ۾ مولوي  اياز ڪمي، قومپرست اڳواڻ نياز ڪالاڻي، سينيئر صحافي نعمت کهڙو، اسد پتافي، برڪت ميراڻي، لطيف وسير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي ڀوتارڪي نظام خلاف هڪ مضبوط آواز بڻجي اڀريو هو، جنهن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ سازش تحت قتل ڪرايو ويو. سينيئر صحافي نعمت کهڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نصرالله گڏاڻي غريب عوام جو سچو ساٿي ۽ ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف هڪ للڪار هو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ به صحافين مٿان ٿيندڙ ظلم بند ناهن ٿيا ۽ حق ۽ سچ لکندڙ صحافين کي نشانو بڻائڻ هڪ معمول بڻجي ويو آهي. هن شهيد نصرالله کي هڪ بي خوف ۽ دلير صحافي قرار ڏنو، اسد پتافي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي للڪار ڀوتارڪي نظام ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا ۽ سندس آواز اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته عدالتون شهيد جي وارثن کي جلد انصاف فراهم ڪن ته جيئن جوابدارن کي قانون موجب سزا ملي سگهي، تقريب ۾ شهيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي به ڳالهائيندي چيو ته نصرالله گڏاڻي کي بار بار موتمار ڌمڪيون ملنديون رهيون، پر هو بي خوف ٿي سچ لکندو رهيو ۽ ڪنهن به دٻاءُ کي قبول نه ڪيو، بيگناهه ڀاءُ کي شهيد ڪيو ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي قاتل برڪت لنڊ کي گرفتار ناهي ڪري سگهيو، پيپلزپارٽي ايم اين اي جي چوڻ تي عدالتي حڪم تي مليل سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، جانين کي خطرو آهي، تقريب جي آخر ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي لاءِ فاتحا خواني ڪئي وئي ۽ سندس مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، شرڪت ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ شهيد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، پوليس اٽالن نصرالله گڏاڻي جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ مولوي اياز قمي ۽ قومپرست اڳواڻ نياز ڪالاڻي جو رستا روڪ ڪئي ۽ بعد ۾ ڇڏيو ويو. ميرپور ماٿيلو پوليس ڪلهوڙا ڦاٽڪ تي رستو بند ڪري مولوي اياز قمي، نياز ڪالاڻي ۽ قومپرست ڪارڪنن کي روڪي ورتو جنهن تي نصرﷲ گڏاڻي جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ قومپرست ڪارڪن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا اهڙي صورتحال بعد پوليس اڳواڻن کي وڃڻ ڏنو.

شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون

ملير/ مٽياري (نمائندن وٽان) ميرپور ماٿيلي ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل صحافي نصر الله گڏاڻي جي ٻي ورسي جي موقعي تي تقريبون ڪوٺايون ويون، ميرپور ماٿيلو سان تعلق رکندڙ سنڌ جي بيباڪ صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي ٻين ورسي جي موقعي تي مٽياري سٽي پريس ڪلب تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جتي کيس ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي سٽي پريس ڪلب مٽياري جي صدر اويس گل ميمڻ جنرل سيڪريٽري ضمير خاصخيلي، موسٽ سينيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري رياض چانڊيو، وقار منگواڻو رجب ملاح، معشوق  منگواڻو ،سيتا رام باگڙي اسد الله ميمڻ شان ترڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد نصر الله گڏاڻي سنڌ جي صحافت جو ڳاٽ اوچو ڪري ويو هن جي شهادت کانپوءِ کوڙ سارن نوجوان صحافين ۾ نئون جذبو پيدا ٿيو آهي، شهيد نصر الله سڄي زندگي حق سچ جي ڳالهه لکي پنهنجي پاڻ کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو هن پنهنجي علائقي جي بااثر ماڻهن توڙي رياستي نظام سان کلي بغاوت ڪئي غربت باوجود پوئتي نه هٽيو اڄ پوري سنڌ کيس عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي هنن مطالبو ڪيو ته شهيد نصر الله جي بيگناهه قتل جو اڃان تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي اڄ به سندس قتل ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي سنڌ حڪومت سندس قتل ۾ ملوث بااثر سردارن کي قانون جي دائري ۾ آڻي شهيد جي بيگناهه خون سان انصاف ڪري، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ٻئين ورسي جي مناسبت سان ديدار حسين ڪي فائونڊيشن پاران ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي ديدار حسين ڪي فائونڊيشن جي اڳواڻن محمد بخش ڪلهوڙو، گلاب دين، گل محمد، ڪاشف سومرو ۽ ٻين چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جهڙو بهادر صحافي جيڪو هميشه حق سچ جي ڳالهه ڪندو، ظالم وڏيرن جي ظلم جو نشانو بڻيو سندس وات مان نڪرندڙ سچ انهن لاءِ زهر بڻجي ويو، آخرڪار انهن کيس بزدلاڻي نموني گوليون هڻائي شهيد ڪرائي ڇڏيو، شهيد نصرالله گڏاڻي نه رڳو صحافي پر حق سچ جي جدوجهد جو نالو آهي، هو هڪ نظريعي جو نالو جيڪو هاڻي سچ ڳالهائيندڙن جي دلين ۾ ڌڙڪندو رهي ٿو، هو اسان مان جسماني طور ته هليو ويو پر سندس فڪر ۽ جدوجهد قلم جي باهه هاڻ هر هڪ جي هٿ ۾ مشعل بڻجي وئي آهي، هنن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گهوٽڪي پوليس 2 سال گذرڻ باوجود گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ويتر شهيد جي وارثن کي حراسان ڪيو ويو آهي، اسين ان ڳالهه جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.