اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ۽ فوج جون مخلصانه ڪوششون خطي ۾ پائيدار امن جي راهه هموار ڪري سگهن ٿيون۔پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي کيس تهران کان واپسي تي فون ڪيو ۽ ايران سان ڳالهين ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين تي مبارڪباد ڏني۔رضا اميري مقدم چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جون ٽياڪڙي ڪوششون قابلِ قدر آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به خلوص سان سفارتي ڪردار ادا ڪيو۔هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ فوج جون خلوص ڀريون ڪوششون خطي ۾ مستقل امن لاءِ رستو هموار ڪري سگهن ٿيون۔ ساڳئي وقت هن ايران جي هٿياربند فوج جي ثابت قدمي ۽ جرئت کي به ڳالهين جي عمل کي مضبوط ڪندڙ عنصر قرار ڏنو۔رضا اميري مقدم وڌيڪ چيو ته بهادر ايراني قوم جي مزاحمت ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهنتہ پاڪستان جي ٽياڪڙي واري شروعات ۽ خلوص ڀريون ڪوششون به هن اڳڀرائي جو اهم سبب آهن۔