سنڌ اسيمبلي ۾ 12 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي قرارداد رد، نثار کهڙي جو واڪ آئوٽ

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ اسيمبلي اڱاري ڏينهن 12 مئي جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد رد ڪري ڇڏي. اسپيڪر پاران قرارداد کي بغير ڪنهن موڙ جي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ پي پي پي جي  سينئر ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کهڙو ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. سنڌ اسيمبلي اڱاري ڏينهن پرائيويٽ ميمبرن جي ڏينهن جي موقعي تي مخالف ڌر جي ميمبرن پاران پيش ڪيل ڪيتريون ئي خانگي قراردادون منظور ڪيون، جڏهن ته ٻارن جي مزدوري بابت ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي جي التوا واري تحريڪ کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهين ۽ 12 مئي جي سانحي دوران ڪراچي ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ايوان جي ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ ميمبر شبير قريشي 12 مئي جي سانحي بابت پنهنجو ٺهراءُ پيش ڪيو. هن چيو ته سڀني جمهوري پارٽين ان ڏينهن ريلي ڪڍي هئي، پر ان ڏينهن انتهائي ظلم جو مظاهرو ڪندي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. هن چيو ته مون ڪنهن به پارٽي جو نالو نه ورتو آهي. مان صرف انهن شهيدن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو. ايم ڪيو ايم ميمبر طحه احمد چيو ته اسان 12 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذمت ڪريون ٿا. ان ڏينهن ايم ڪيو ايم جا پنهنجا ماڻهو به شهيد ٿيا هئا. سنڌ اسيمبلي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کهڙو اسپيڪر کي چيو ته توهان هڪ آئوٽ آف ٽرن قرارداد ورتي آهي. مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، پر توهان قرارداد رد ڪري ڇڏي. بعد ۾ نثار احمد کهڙو ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو. ايوان هن قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي غيرت جي نالي تي قتلن خلاف متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي. هي قرارداد ايم ڪيو ايم جي ميمبر بلقيس مختار پيش ڪئي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته غيرت جي نالي تي قتل ٿيندڙ روبينا چانڊيو جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته اسان هن قرارداد جي حمايت ڪريون ٿا. سنڌ ۾ جرڳا ڇو ٿيندا آهن؟ ڪاروباري واقعن تي جرڳا نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هن ڇوڪري پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي هئي ۽ اسلام ان کي اهو حق ڏنو آهي. هي غيرت جي نالي تي قتل نه پر بي غيرتي جو قتل آهي. پيپلز پارٽي جي تنزيلا قمبراڻي به قرارداد جي حمايت ڪئي. صوبائي وزير عورتن جي ترقي شاهينا شير علي چيو ته ٽنڊي الهيار ۽ خيرپور مان ٻه ڇوڪريون بچايون ويون آهن ۽ روبينا چانڊيو جي قتل ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته هر ڪو هن ظلم خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهي، ته پوءِ سنڌ تي ڪير حڪومت ڪري رهيو آهي؟ هن چيو ته اهڙو قانون پاس ڪيو وڃي ته جيئن اهڙن واقعن ۾ ملوث ظالمن کي کليل نموني سزا ڏني وڃي. قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ملڪ جو قانون موجود آهي، اسان هن قانون جي اندر رهي ڪم ڪريون ٿا. مون ان رات ڪارروائي ڪئي جنهن رات اهو واقعو پيش آيو. پي ٽي آءِ جي سجاد سومرو پنهنجي ذاتي قرارداد ۾ چيو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجون نيون سرڪاري گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون صرف بجلي واريون خريد ڪرڻ گهرجن. توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته قرارداد ۾ سٺيون تجويزون آهن، تنهن ڪري مان ذاتي طور تي هن قرارداد جي حمايت ڪريان ٿو. قانون واري وزير ضيا النجار چيو ته جيڪڏهن لاڳاپيل وزير ان جي حمايت ڪري رهيو آهي ته مان به ان جي حمايت ڪريان ٿو. ايوان قرارداد منظور ڪئي. ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي پنهنجي ذاتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ٻارن جي مزدوري ٿي رهي آهي. ٻارن کان ڪم ورتو ويندو آهي. قانون موجود آهن پر انهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته مزدوري بابت قانون موجود آهن، جيڪڏهن ڪو ٻيو مسئلو آهي ته سعيد غني تمام گهڻو سرگرم وزير آهي، ان سان رابطو ڪريو. ايوان قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان جي ڪارروائي دوران پي ٽي آءِ جي محمد اويس شهري علائقن ۾ گئس لوڊشيڊنگ بابت قرارداد پيش ڪئي ۽ چيو ته غير اعلانيه ۽ وقت کان اڳ گئس بندش کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته شهر لفظ ختم ڪري سنڌ شامل ڪيو وڃي مڪيش ڪمار چاوله نيشنل هاءِ وي جي خراب صورتحال جو معاملو پڻ اٿاريو. اسپيڪر چيو ته وفاقي وزير مواصلات سان ڳالهايو ويندو چيئرمين نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي سنڌ اسيمبلي ۾ گهرايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.