لنڊن (ويب ڊيسڪ) ايٿوپيا جي عورت جي گهر 12 سالن کانپوءِ هڪ ئي وقت 5 ٻارن جي پيدائش ٿي آهي.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ايٿوپيا جي هارري ريجن ۾ هڪ عورت 12 سالن کانپوءِ هڪ ئي وقت 5 ٻارن کي جنم ڏيڻ تي تمام گهڻي خوش آهي.
رپورٽ موجب، عورت جي گهر 4 پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جي پيدائش ٿي آهي ۽ سمورا ٻار صحتمند آهن.
ميڊيا سان ڳالهائيندي 35 ورهين جي عورت جو چوڻ هو ته ”مان پنهنجي خوشي کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان.“
ڊاڪٽرن موجب، عورت 12 سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ هڪ ئي وقت 5 ٻارن کي جنم ڏنو آهي، جنهن کي انتهائي ناياب ۽ قدرتي واقعو قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like