وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 25 مئي تائين چين جو اهم دورو ڪندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 25 مئي تائين چين جو دورو ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪندو.
ان دوري دوران شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو.
شهباز شريف جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان پڻ آهي.
ان کانسواءِ چين جي دوري ۾ سي پيڪ، واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻطرفي سهڪار تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.