تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميشن جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته آبناءِ هرمز بابت هڪ اهم قانوني بل تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي ايراني پارليامينٽ (مجلس) جي اوپن سيشن ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو.
ابراهيم عزيزي موجب، مجلس جون سرگرميون ٻيهر شروع ٿيندي ئي هن بل تي قانون سازي جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد خطي جي سلامتي ۽ ايران جي سامونڊي مفادن جو تحفظ آهي.
هي بل هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آبناءِ هرمز ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌارو ٿيو آهي.