ايڊنبرگ(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان اظهر علي اسڪاٽلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان سلهاڙجي ويو آهي.
ڪرڪيٽ اسڪاٽلينڊ اظهر علي جي مقرري جي پڌرائي جاري ڪري ڇڏيي آهي.
پڌرائيءَ موجب، اڳوڻو ڪپتان اسڪاٽلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ڪنسلٽنٽ طور ذميواريون انجام ڏيندو. کيس نيپال جي دوري لاءِ اِها ذميواري سونپي وئي آهي.
اسڪاٽلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ايندڙ اسائنمينٽ آءِ سي سي جي سي ڊبليو سي ايل ٽو آهي، جنهن ۾ اسڪاٽلينڊ جي ٽيم نيپال ۽ يو ايس اي (آمريڪا) سان مقابلو ڪندي.
ان موقعي تي اظهر علي جو چوڻ هو ته هو اسڪاٽلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.
سندس چوڻ هو ته ”منهنجو ڪيريئر جي شروعات ۾ اسڪاٽلينڊ سان لاڳاپو رهيو آهي، مان ڪم جي شروعات ۽ باصلاحيت ٽيم کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهيان.“