اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پهرين ڀيرو آءِ ٽي مردم شماري ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي۔ ذريعن موجب پاڪستان شماريات بيورو۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وزارت جي گڏيل سهڪار سان آءِ ٽي مردم شماري ڪئي ويندي، جنهن دوران نوجوانن جي ڊجيٽل مهارتن بابت جامع انگ اکر گڏ ڪيا ويندا۔آءِ ٽي ورڪ فورس جو ملڪ گير رڪارڊ تيار ڪيو ويندو، جڏهن ته آءِ ٽي مردم شماري ۾ فري لانسرز، وڊيو ايڊيٽرز ۽ ڪال سينٽر ملازمن جو ڊيٽا پڻ گڏ ڪيو ويندو۔وزارت آءِ ٽي جي ذريعن موجب ڪال سينٽر ملازمن جي مهارتن کي به مختلف درجن ۾ ورهايو ويندو۔ آءِ ٽي مردم شماري ذريعي پهريون ڀيرو قابلِ اعتماد آءِ ٽي ڊيٽا دستياب ٿيندو۔ان عمل سان حڪومت کي پاليسي سازي ۽ منصوبابندي ۾ مدد ملندي، جڏهن ته آءِ ٽي ماهرن لاءِ پرڏيهه ۾ روزگار جا موقعا به وڌيڪ بهتر ٿيڻ جا امڪان آهن۔