اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)انساني حقن جي ڪميشن آف پاڪستان سال 2025 بابت پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي انساني حقن جي صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي۔رپورٽ موجب سال 2025 ۾ پاڪستان ۾ صنفي تشدد جي واقعن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته عورتن جي سائبر هراساني جا 2,586 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ ساڳئي سال 470 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون ويون۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان بنيادي حقن جي نفاذ جي حوالي سان 143 ملڪن مان 130 هين نمبر تي رهيو، جڏهن ته موت جي سزا جي شرح ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي۔دهشتگردي جي حوالي سان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2025 دوران 1,272 دهشتگرد حملا ۽ دهشتگردي ٽوڙ ڪارروايون ٿيون، جن ۾ 3,417 ماڻهو مارجي ويا ۽ 2,134 زخمي ٿيا۔رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ 1,155 پوليس مقابلا (انڪائونٽرز) ٿيا، جن ۾ 1,696 ماڻهو مارجي ويا۔ انهن مان صرف پنجاب جي سي ٽي ڊي پاران 1,128 ڪاررواين ۾ 977 ماڻهو ماريا ويا۔جيلن ۾ به صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جتي قيدين جي گنجائش کان وڌيڪ تعداد 171 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي۔ٻاهرين ملڪن ۾ 21,600 پاڪستاني شهري قيد آهن، جڏهن ته هندستاني جيلن ۾ 738 پاڪستاني موجود آهن، جن ۾ مڇيگير به شامل آهن۔گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس ۾ پاڪستان 148 ملڪن مان 145 هين نمبر تي رهيو۔ عورتن تي تشدد ۾ 25 سيڪڙو واڌ، گهريلو تشدد ۾ 1,332 عورتن جو قتل، ۽ 3,815 ريپ ڪيس رپورٽ ٿيا۔سائبر هراساني جي 2,586 ڪيسن کان علاوه غيرت جي نالي تي 470 عورتون قتل ڪيون ويون۔ٻارن تي تشدد جا 3,600 ڪيس، 1,107 اغوا جا واقعا، ۽ 365 ٻارن جي گمشدگي رپورٽ ٿي۔رپورٽ موجب 53 ڪيس ننڍي عمر جي شادين جا سامهون آيا، جڏهن ته ٻارن سان زيادتي جا 52 ڪيس فحش مواد سان لاڳاپيل هئا۔ٽرانس جينڊر برادري بابت به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، جتي 2025 ۾ 19 ٽرانس جينڊر ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ 2 تي تيزاب سان حملو ٿيو۔ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ 10 قتل رپورٽ ٿيا۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2025 دوران لکين وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا آهن، جنهن سان معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن۔
اوٻاوڙي ڀرسان 13 ورهين جي پرڻيل ڇوڪري ڪارنهن الزام هيٺ قتل بنا غسل تدفين
اوٻاوڙو( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙو ڀرسان ريتی ٿاڻي جي حد ۾ ڇهه ڏينهن اڳ افسوسناڪ واقعي۾13 ورهين جي پرڻيل نينگري کي مبينا طور ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪري لاش لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي۔ پوليس موجب، جوابدارن واردات بعد لاش بناغسل جي قبرستان ۾ خفيا ھنڌ دفنائي سڄو معاملو ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڳجهن ذريعن مان اطلاع ملڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ خاص ٽيم جوڙي وئي، جنهن ۾ ايس ايچ او ريتی احسان علي مهر ۽ پوليس اهلڪار شامل هئا۔ ٽيم جديد ٽيڪنالوجي ذريعي ۽ ذريعن کي استعمال ڪندي ڪيس کي ٽريس ڪيو ۽ اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي۔پوليس خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڪارو ڪاري جهڙي سنگين ڏوهه ۾ ملوث مرڪزي جوابدار نواب ولد سوالی ڪوش، رهواسي ڳوٺ مير محمد ڪوش کي گرفتار ڪري ورتو۔ پوليس موجب، جوابدار پهرين ۽ ٻئي مئي جي وچ واري رات پنهنجي ڀاڄائي مسمات شھناز زال شوڪت ڪوش کي نور حسن ڪوش سان ڪارو ڪاري جو الزام ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو وڌيڪ جاچ دوران معلوم ٿيو ته جوابدار پنهنجي ساٿين سوالی ڪوش، دلدار ڪوش، جمعو ڪوش، عاشق ڪوش ۽ شاهرو ڪوش سان گڏجي مقتولا جي لاش کي انور شاهه جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو هو ته جيئن ثبوت لڪائي سگهجن۔واقعي جو ڪيس ريتی ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ٻين ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ان موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انور کیتران سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڪارو ڪاري جهڙن انسانيت سوز ڏوهن ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي