جکراڻي خاندان ۾ اختلاف تيز: اعجاز جکراڻي جي ويڳي ڀاءُ جو بنگلو،پمپ ۽ دڪان ڊاهي پٽ

جیڪب آباد (ڊ ر) جکراڻي ڪٽنب ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا، سُڪن جي ڪڍ ساوا به سڙي ويا، ضلعي انتظاميه جي ڪارروائي، آزاد جکراڻي جو پيٽرول پمپ، دڪان ۽ بنگلي سميت ڀرپاسي وارا سمورا  دڪان ڊاهي پٽ، تفصيل موجب جیڪب آباد ۾ جکراڻي ڪٽنب ۾ هلندڙ خانداني اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن، جنهن کان پوءِ ضلعي انتظاميه نور واهه واري هنڌ تي ڪارروائي ڪندي مير آزاد خان جکراڻي جو پيٽرول پمپ، ڪيترائي دڪان ۽ بنگلو مسمار ڪري ڇڏيو آهي ڪارروائي دوران آزاد خان جي ملڪيتن سميت عام ماڻهن جا دڪان پڻ پٽ ڪيا ويا، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر مير اعجاز حسين جکراڻي طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ويڳي ڀاءُ آزاد خان جکراڻي سان لاتعلقي جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪميٽي جديد مشينري ذريعي آپريشن ڪيوڪارروائي دوران ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي،اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار سميت ٻيا اهم آفيسر به موجود هئا، جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، ذريعن موجب ڪارروائي دوران نه رڳو لاڳاپيل ملڪيتون ڊاهيون ويون پر نور واهه واري هنڌ تي ٻين ڪجهه دڪانن اڳيان ٺهيل ڇپرا به ڊاهي ڇڏيا ويا. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي خانداني اختلافن سبب نه پر غيرقانوني قبضا ختم ڪرڻ واري مهم جو حصو آهي، جڏهن ته سياسي حلقن طرفان هن اوچتي ڪارروائي کي ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار سان ڳنڍيو پيو وڃي. واضح رهي ته تازي ڇڪتاڻ ان وقت سامهون آئي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ مير اعجاز حسين جکراڻي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي ويڳي ڀاءُ آزاد خان جکراڻي کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀائرن وچ ۾ اختلاف مير اعجاز جکراڻي جي نوجوان پٽ زيد خان جکراڻي جي وفات کان پوءِ وڌيڪ وڌي ويا هئا، جڏهن ته زيد خان جکراڻي جي وفات جا سبب اڃا تائين واضح نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪا باضابطه رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته آزاد خان جکراڻي پنهنجي ڀائٽي جي تدفين ۽ تعزيت ۾ شرڪت نه ڪئي، جنهن کان پوءِ خانداني لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي ويا۔ هاڻوڪي ڪارروائي کان پوءِ جکراڻي خاندان ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا آهن ۽ ڄاڻ موجب خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.