ميرپورخاص(رپورٽ:غفاررند) ميرپورخاص جو اڳوڻو مختيارڪار راشد ميو اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ۾ انڪوائري دوران اينٽي ڪرپشن عملي ۽ اتي موجود هڪ وڪيل سان بدمعاشي ۽ بدتميزي ڪرڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام هيٺ ٽائون پوليس هٿان گرفتار ڪيو ويو آهي، راشد ميو تي وڏي پئماني تي روينيو رڪارڊ تبديل ڪرڻ،نجي زمينن تي قبضا ۽ سرڪاري زمينون فراڊ ذريعي وڪرو ڪرڻ جي جاچ هلي رهي آهي.