عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪَ خراب ٿينديون پيون وڃن، عوامي مينڊيٽ چوري ڪري مڙهيل حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب عام ماڻهون جي زندگي انتهائي ڏکي بڻجي چڪي آهي ۽ ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن، عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بدامني ۽ بيچيني وڌي رهي آهي، نوجوان نسل بيروزگاري سبب سخت پريشان آهي، منشيات جو ڪاروبار تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ نوجوان تباهي طرف وڃي رهيا آهن، پر حڪومت موثر قدم کڻڻ بدران ادارن کي گمراهه ڪرڻ ۾ مصروف آهي، معصوم ٻارڙين سان زيادتي جي واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن چيو ته اهڙا واقعا انتهائي افسوسناڪ آهن، پر انصاف فراهم نه پيو ڪيو وڃي، هن الزام لڳايو ته “فارم 47” تحت ٺهيل حڪومت عوام کي انصاف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪ جون معاشي پاليسيون آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽرول ۾ آهن، جنهن سبب عوام تي آءِ ڏينهن ڳرو بار وڌو پيو وڃي، سنڌ ۾ روڊ رستا تباهه حال آهن، اسڪولن جي حالت خراب آهي ۽ تعليمي نظام ڪمزور ٿي چڪو آهي، حڪومت جي نااهلي سبب سماجي برائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تعليمي ادارن ۾ جيڪڏهن ڪنھن نياڻي کي ڪو ھراسان ڪري ته اھو ثبوت اسان کي موڪلي ڏين متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا.