ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ واڌ،پوليس غائب

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي حسين آباد ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ملزمن گلي ۾ بيٺل نوجوانن کي هٿيار جي زور تي ڦري ورتو. واردات جي وڊيو ڪيمرائن جي رڪارڊنگ پڻ سامهون اچي وئي آهي.تفصيلن موجب شهر ۾ اسٽريٽ  ڪرائم جا واقعا روڪجي نه سگهيا آهن. عزيز آباد ٿاڻي جي حد حسين آباد جي هڪ گلي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن جوابدارن پنج نوجوانن کي نشانو بڻايو.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻه ملزم موٽرسائيڪل  تي اچي گلي ۾ بيٺل نوجوانن جي ويجهو بيهي رهن ٿا. پويان ويٺل ملزم هٿيار ڪڍي نوجوانن ڏانهن وڌي ٿو، جڏهن ته ڊرائيور به موٽرسائيڪل سميت اڳتي اچي ٿو. هڪ ملزم هيلمٽ پاتل هو ۽ ٻئي ڪئپ پاتل هو.وڊيو موجب ٻن نوجوانن چالاڪي ڪندي پنهنجا موبائل فون زمين تي اڇلايا، پر جوابدارن هٿيار جي زور تي سندن موبائل فون ۽ نقد رقم ڦري ورتي. واردات دوران گهٽي ۾ ماڻهن جي اچ وڃ به جاري هئي.واقعي بعد ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته انهن جي وڃڻ کان پوءِ نوجوان پنهنجا موبائل فون زمين تان کڻي ورتا.ٻئي واقعي ۾ فيڊرل بي ايريا بلاڪ 19 النور سوسائٽي ۾ هڪ گهر ٻاهران شهري جي بجلي تي هلندڙ موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي. چوري جو واقعو به ڪيمرائن ۾ رڪارڊ ٿي ويو.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته چور موٽرسائيڪل اسٽارٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو، جنهن بعد هو موٽرسائيڪل کي ڌڪي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويو. وڊيو ۾ چور جو چهرو واضح نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ آساني سان ٿي سگهي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.