آمريڪا ۽ ايران کي پاڪستان جنگبندي ۾ واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي تجويز ڏيندي ٻنهي ڌرين کي جنگبندي ۾ واڌ تي غور ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آمريڪا جي وقتي  ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب، اسحاق ڊار چيلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ علائقي ۾ ڊگهي مدي واري امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي واحد عمل جوڳو رستو قرار ڏيڻ بابت پاڪستان جي مستقل موقف کي اجاگر ڪيو. هن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ٻنهي ڌرين کان جنگبندي جي مدي ۾ ۾ واڌ تي غور ڪرڻ ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ڏيڻ جي اپيل ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.