آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ 40 ملڪن جا پاڻ ۾ رابطا

اسلام آباد ( رئوف ڪلاسرا ) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي  صورتحال تان هاڻي مٽي هٽي رهي آهي ۽ معاملا واضح ٿي رهيا آهن.آمريڪي وفد جي روانگي بابت متضاد خبرون آهن. آمريڪي ميڊيا جو ڪاؤنٽ ڊاؤن شروع ٿي چڪو آهي، پر اڃا تائين وفد جي پهچڻ بابت حتمي خبر ناهي. ٻئي طرف، ايران مان خبرون اچي رهيون آهن ته شايد سندن پارليامينٽ جو اسپيڪر (باقر قاليباف) ڳالهين لاءِ اسلام آباد پهچندو.  ايراني پرڏيهي وزير  جو نه اچڻ شايد ان ڪري آهي ته هن ”آبناءِ هرمز“ کولڻ جو اعلان ڪيو هو پر ايراني پاسدارانِ انقلاب ان فيصلي کي رد ڪري هرمز تي قبضو برقرار رکيو، جنهن سان پرڏيهي وزير جي حيثيت کي لچڪ لڳي.صدر ٽرمپ ”ايڪس“ (ٽويٽر) ذريعي نفسياتي جنگ وڙهي رهيو آهي. هو ڪڏهن امن جي آڇ ڪري ٿو ته ڪڏهن ملڪ کي اڏائڻ جي ڌمڪي. اهو سڀ سندس ڳالهين جي ٽيبل تي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ آهي.ايران وٽ به ”گڊ ڪاپ، بيڊ ڪاپ“ واري پاليسي آهي. سياسي اڳواڻ نرم لهجو اختيار ڪن ٿا جڏهن ته فوجي قيادت سخت موقف رکي ٿي ته جيئن ڳالهين ۾ وڌيڪ رعايتون حاصل ڪري سگهجن.ٽرمپ کي هن وقت آمريڪي عوام کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ ”ٽرافي“ کپي ته هن ايران کي سرينڊر ڪرايو. هن آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران پنهنجو يورينيم جو ذخيرو به حوالي ڪري. ايران لاءِ اهو قومي غيرت جو معاملو آهي. جيڪڏهن ايران اهي شرط مڃي ٿو ته ان کي ”شڪست“ تصور ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن نه ٿو مڃي ته وڌيڪ تباهي جو خدشو آهي.تجزيه نگار انڪشاف ڪيو ته برطانيه ۽ فرانس هن وقت 40 جي قريب ملڪن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن آبناءِ هرمز کي کولرائڻ لاءِ هڪ عالمي اتحاد جوڙيو وڃي. جيڪڏهن ايران تيل جي سپلائي بند رکي ٿي ۽ دنيا ۾ توانائي جو بحران پيدا ٿئي ٿو، ته پوءِ عالمي راءِ عامه ايران جي خلاف ٿي سگهي ٿي. ان صورت ۾ ايران تي رڳو آمريڪا نه پر ڪيترائي ملڪ گڏجي حملو ڪري سگهن ٿا. ايران هن وقت ”مورل ايج“ (اخلاقي برتري) تي آهي ڇاڪاڻ ته ان تي حملا ٿيا آهن، پر هڪ اسٽيج اهڙي ايندي جتي ايران کي تمام گهڻي سمجهداري سان فيصلو ڪرڻو پوندو. ٽرمپ چاهي ٿو ته هو گن پوائنٽ تي پنهنجي مرضي جو معاهدو ڪري، جڏهن ته ايران اهڙي ڪنهن به معاهدي کي رد ڪري رهيو آهي جيڪو کين ”هٿيار ڦٽا“ ڪرڻ تي مجبور ڪري.هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسلام آباد ۾ ميز سجائڻ کانپوءِ ٻنهي مان ڪير پهريان ”اک ڇپڪائي“ ٿو ۽ لچڪ ڏيکاري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.