ميرپورخاص بورڊ ۾ اڍائي ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس داخل

ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ مبينا ميگا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد اينٽي ڪرپشن پوليس پاران ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص سرڪل پاران اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم خانزادا، سپرنٽنڊنٽ انٽر سيڪريٽ برانچ شاهد لطيف، اسسٽنٽ ڪمپيوٽر پروگرامر اعظم خان ۽ خانگي ايجنٽن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب امتحاني رڪارڊ ۾ وڏي پيماني تي  ٽيمپرنگ، جعلسازي ۽ جعلي سرٽيفڪيٽن جي جاري ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا آهن. ڪمپيوٽر سسٽم ۾ ردوبدل ڪري 15 هزار کان وڌيڪ شاگردن جا نمبر وڌايا ويا آهن، جڏهن ته 2539 جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا. ذريعن موجب هن منظم ڪرپشن نيٽ ورڪ ذريعي اڍائي ارب رپيا هڙپ ڪيا ويا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ ڏوهاري سازش، جعلسازي، سرڪاري رڪارڊ ۾ ردوبدل ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جهڙا سنگين الزام شامل آهن. پوليس جاچ جو دائرو وڌائيندي وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب، گرفتار ڪيل جوابدار کي ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي اينٽي ڪرپشن اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.