نئين دهلي(عوامي آواز نيوز)ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف انيل چوهاڻ آپريشن “سندور” دوران پيش آيل ناڪامي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي اهڙا بيان ڏنا آهن، جن کي دفاعي ماهر کليل شڪست جو اعتراف قرار ڏئي رهيا آهن۔جنرل انيل چوهاڻ هڪ تازي تقريب ۾ ڳالهائيندي ٿرٿرائيندڙ آواز ۾ چيو ته ايندڙ وقت جا چئلينج ماضي کان مختلف هوندا، نهنڪري اسان کي “گذريل سندور” کي وساري هاڻي “ايندڙ سندور” جي تياري ڪرڻ گهرجي۔سندس هن بيان مان اهو تاثر مليو آهي ته ڀارتي فوجي قيادت ماضي جي ناڪامي ۽ رسوائي کي پوئتي ڇڏي پنهنجي ساک بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔جنرل انيل چوهاڻ آپريشن سندور ۾ فوج جي غير مؤثر ڪارڪردگي جو ذميوار ٽيڪنالاجي جي کوٽ کي قرار ڏنو ۽ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ئي واحد حل آهي۔