اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار بريفنگ دوران چيو آهي ته لبنان ۾ هٿياربند ڪارروايون ختم ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اتي امن ۽ جنگ بندي خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته لبنان ۾ جنگ بندي موجوده ڳالهين واري عمل جو حصو آهي ۽ گذريل ٻن ڏينهن دوران اسرائيل-لبنان محاذ تي صورتحال /۾ بهتري جا آثار همٿائيندڙ آهن. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت تفصيل ڏيندي ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ 21 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڊگهيون ويهڪون ٿيون، جيڪي انتهائي سنجيده ۽ جامع هيون. هن صورتحال کي نه بريڪ ٿرو، نه بريڪ ڊائون قرار ڏيندي چيو ته ڳالهين ۾ ڪابه رنڊڪ ناهي، اهو سلسلو جاري آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن عمل ۾ ٽياڪڙ ۽ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن واضح ڪيو ته سفارتي رابطن جي رازداري کي برقرار رکڻ ضروري آهي، تنهنڪري وڌيڪ تفصيل پڌرا نٿا ڪري سگهجن. ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان يو اي اي سان پنهنجن ويجهن لاڳاپن جي ڪري مٿس ٿيندڙ حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ خطي ۾ امن لاءِ روس سميت سمورن عالمي طاقتن جي حمايت کي اهميت ڏي ٿو.