روبينا چانڊيو قتل ڪيس، جوابدار قيصر پاران ڏوهه جو اعتراف، گمبٽ ۾ ريلي

خيرپور/ گمبٽ (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/ خير محمد ڄامڙو) خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ بيدردي سان قتل ٿيل ناري خالده عرف روبينا چانڊيو جي ڪيس ۾  گرفتار ٻن مُک جوابدارن قيصر چانڊيو ۽ ولي محمد چانڊيو کي پوليس پاران عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت هڪ جوابدار کي جيل ڪسٽڊي ۽ هڪ کي پوليس ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خيرپور جي فرسٽ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ نديم علي ٻُرڙو جي عدالت ۾ پوليس جوابدارن جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ درخواست ڪئي، عدالت پاران ٻنهي جوابدارن کان الڳ الڳ بيان وٺڻ بعد قيصر چانڊيو کي جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻئي جوابدار ولي محمد چانڊيو کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار قيصر چانڊيو پاران عدالت آڏو ڏوھ جو اعتراف ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس جي جاچ کي شفاف بڻائي جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏيارڻ لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن ۽ ٻين ملوث جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي پاسي جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر شوڪت نوناري جي سڏ تي بيدردي سان قتل ٿيل عورت خالدا عرف روبينا چانڊيو کي انصاف ڏيارڻ لاءِ گمبٽ ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي گمبٽ جي پھول باغ کان شروع ٿي پريس ڪلب گمبٽ تائين پهتي، جنهن ۾ صحافي اتحاد ،سماجي ڪارڪنن، عورتن، نوجوانن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر ۽ تصويرون کڻي نعريبازي ڪئي، مظاهرين خالدا کي انصاف ڏيو قاتلن کي گرفتار ڪيو ۽ عورتن تي تشدد بند ڪيو جا نعرا هڻي رهيا، ريلي دوران شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مقتولا خالدا جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين قانون مطابق سخت سزا ڏني وڃي، ريلي جڏهن پريس ڪلب گمبٽ پهتي ته اها احتجاجي ريلي مظاهري ۾ تبديل ٿي وئي، جتي جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر شوڪت نوناري ۽ صحافي اتحاد جي چيئرمين غلام حسين چانگ ٻين سماجي اڳواڻن خطاب ڪيو، جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر شوڪت نوناري چيو ته آچر تي پوري سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون خالدا عرف روبينا چانڊيو جو قتل هڪ افسوسناڪ ۽ انسانيت سوز واقعو آهي، جنهن سماج کي لوڏي ڇڏيو آهي، عورتن خلاف وڌندڙ تشدد ۽ ظلم قابل مذمت آهي ۽ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن، اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين چيو ته جيڪڏهن خالدا جي قاتلن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ۽ وارثن کي انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ضلعي سطح تي به احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سنڌ ۾ هر ڪو پنهنجي مرضي موجب نياڻين سان ظلم ڪري رهيو آهي:فرحان لاڙڪ

کوکراپار (ن ع آ) سنڌ کي نياڻين لاءِ مقتل گاھ بڻايو پيو وڃي، جتي هر ڪو پنهنجي مرضي مطابق عورتن سان ظلم ڪري رهيو آھي عورتن تي تشدد ۽ حراسان ڪندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ چيو آھي ته سنڌ  ۾ وڌندڙ ڏوهن، خاص ڪري عورتن خلاف تشدد ۽ ٽنڊي مستي ۾ خالده چانڊيو جو بي دردي سان قتل ۽ ميرپورخاص ۾ شاگردياڻي فھميده لغاري کي حراسان ڪري خودڪشي تي مجبور ڪندڙ واقعن ضمير کي لوڏي ڇڏيو آهي، سوين ماڻهن جي سامهون هڪ عورت کي قتل ڪري ان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت عمل آهي، جنهن سان سنڌ جي خلاف منفي تاثر پيش ٿي رهيو آهي.ھن چيو ته حڪومتي نااهلي سبب صوبي ۾ لاقانونيت ۽ غنڊاگردي وڌي رهي آهي.

امر سنڌو طرفان آچر ڏينهن خالده چانڊيو جي قتل خلاف تعزيتي تڏو وڇائڻ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) نامياري ليکڪا امر سنڌو آچر ڏينھن  خالده چانڊيو جي قتل خلاف احتجاجي  مزاحمتي تعزيتي تڏو وڇائڻ جو اعلان ڪيو آھي، سوشل ميڊيا  تي ڏنل پيغام ۾ امر سنڌو چيو ته معصوم نياڻي کي هجوم ۾ نڌڻڪي ڪري قتل  ڪيو ويو، سنڌ جون عورتون گڏجي ان جي وارثي ڪنديون، خالده جي تدفين چڱي نموني نه ٿي سگهي، مائٽن ماري کڏ کوٽي هُن کي پوري ڇڏيو، سنڌ جون عورتون ان جي تربت تي پهچنديون، ٽنڊو مستي ۾ آچر ڏينهن عورتن کي پهچڻ گهرجي.

روبينا چانڊيو ۽ شمائلا چانڊيو جي قتل خلاف حيدرآباد ۾ بک هڙتال

حيدرآباد (پ ر) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ نوجوان نياڻي روبينا چانڊيو ۽ هالا لڳ ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ 14 ورهين  جي شمائلا چانڊيو جي سفاڪاڻي ۽ وحشياڻي قتل خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، بک ھڙتال جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري سنڌو مڱڻھار، ساجده ڀاڻو، صائما مڱڻھار، شاھين خاصخيلي، حسنا راھوجو، ڊاڪٽر آمنا لاشاري ۽ ٻين ڀينرن شرڪت ڪئي، سنڌياڻي تحريڪ جي هن احتجاج ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، اظهار دائودپوٽو، سرمد راڄپر جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن روبينا چانڊيو ۽ شمائلا چانڊيو جي بي رحماڻي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته خالده عرف روبينا چانڊيو جو لڱ ڪانڊاريندڙ قتل سنڌ ۾ روزانو ٿيندڙ عورتن جي ڪوس جو فقط هڪڙو واقعو آهي، هالا لڳ ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ زبردستي شاديءَ کان انڪار تي 14 سالن جي معصوم شمائلا چانڊيو کي سندس سئوٽن واجد ۽ راشد گهر مان زبردستي کڻي وڃي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو ۽ لاش واپس سندس ماءُ جي حوالي ڪيو. شمائلا جي بيواهه ماءُ (جيڏل چانڊيو) جي دردناڪ اپيل سسٽم جي بي حسيءَ جو چٽو ثبوت آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ روز اهڙا واقعا ٿين ٿا ۽ سنڌ کي عورتن لاءِ قتل گاھ بڻايو ويو آهي، سنڌ کي قتل گاھ بڻائڻ ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ٻئي برابر جا شريڪ آهن، اڳواڻن چيو تھ اھو پيپلز پارٽيءَ جي جاگيرداراڻِي حڪمرانيءَ جو نتيجو آهي، جو وڏيرن، بااثر ماڻهن ۽ سياسي سرپرستيءَ هيٺ ڏوهارين کي تحفظ ملي ٿو.

روبينا جو قتل پوري معاشري جي اخلاقيات ۽ قانون جي لتاڙ آهي:سگا

ڪراچي (پ ر) ٽنڊو مستي ۾ روبينا چانڊيو جو بي دردي سان قتل ۽ کيس بغير غسل و ڪفن جي دفنائڻ واري عمل جي سخت  لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي مرڪزي قيادت پاران خيرپور جي علائقي ٽنڊو مستي ۾ نوجوان ناري روبينا چانڊيو جي بي دردي سان قتل ۽ کيس انسانيت سوز طريقي سان، بغير جنازي نماز، ڪفن ۽ غسل جي دفنائڻ واري واقعي تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، مرڪزي قيادت چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين خالد حسين چنا، سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پروفيسر بخش علي چانڊيو، سيڪريٽري فنانس نور محمد سيال، سڌ سماءَ اوري سيڪريٽري احمد حسن پنهور ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته روبينا چانڊيو جو قتل نه صرف هڪ فرد جو قتل آهي پر اهو پوري معاشري جي اخلاقيات ۽ قانون جي لتاڙ آهي، مقتولا کي مذهبي ۽ انساني قدرن جي  ڀڃڪڙي ڪندي بغير غسل ۽ ڪفن جي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ  اهڙا واقعا اسان جي سماج تي هڪ ڪارو داغ آهن، جن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، سگا جي مرڪزي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته هن وحشياڻي قتل ۾ جيڪي به بااثر هٿ يا جوابدار ملوث آهن، انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ قاتلن، انهن جي سهولتڪارن کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به اهڙو غير انساني فعل ڪرڻ جي جرات نه ڪري سگهي.

ڪنهن به نياڻي جو قتل معافي جوڳو ناهي:نواز زئور

حيدرآباد (پ ر) قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ، وائيس چيئر پرسن عروج  آزاد سنڌو، جنرل سيڪريٽري صوفي حاجن گل ۽ ٻين چيو آهي ته ڪنهن عورت جو قتل ناقابل معافي ڏوھ آهي، ٽنڊو مستي ۾ قتل ڪيل روبينا عرف خالدا چانڊيو جي قتل واري واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهو ملوث آهن، ڇوڪري کي موٽائڻ، مارائڻ، قتل ڪرڻ، تدفين ۽ لاش جي بيحرمتي تائين ملوث سمورن ماڻهن کي ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي. انهن سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ تڪڙو ڪيس هلائي سزائون ڏنيون وڃن، نواز خان زئور ۽ ٻين چيو ته معصوم ۽ بيگناھ عورتون ان ڪري قتل ٿي وڃن ٿيون، جو جوابدار، ڏوهاري ۽ قاتل شڪ جي بنياد تي ڪورٽن مان آجا ٿي وڃن ٿا، غيرت جي ڪوڙي تصور جي آڌار تي ڪنهن کي به قتل کان آجو نٿو ڪري سگهجي، هي سڌا سنوان قتل آهن جن ۾ هر صورت ۾ جوابدارن کي سزائون ملڻ گهرجن، عورتن  خلاف تشدد، بيحرمتي، زيادتين ۽ قتل جي واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. قانون ۽ انصاف ذريعي ئي اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.