آمريڪي ڪانگريس ۾ اسرائيل کي فوجي امداد ڏيڻ جي مخالفت وڌي وئي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ڪانگريس جي اندر اسرائيل لاءِ سالن کان هلندڙ غير مشروط حمايت ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا ڪيترائي ميمبر هاڻي اسرائيل کي ڏني ويندڙ فوجي امداد، خاص طور تي دفاعي نظام جي فنڊنگ جي به مخالفت ڪري رهيا آهن. آمريڪي خابرو اداري ’ايڪسيوس ‘ جي رپورٽ موجب، ڪانگريس ميمبر ميڪسويل فراسٽ چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ تائين اسرائيل جي ميزائل دفاعي نظام ’آئرن ڊوم‘ جي مخالفت کي انتهائي غير معمولي سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي اها سوچ تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. ٻين اهم ڊيموڪريٽ ميمبرن، جن ۾ جم ميڪ گورن، جيرڊ هفمين ۽ مارڪ پوڪن شامل آهن، موقف اختيار ڪيو آهي ته اهي اسرائيل کي وڌيڪ فوجي مدد ڏيڻ جي حق ۾ ناهن، ڇاڪاڻ ته اسرائيل جي عملن تي ڪا به اثرائتي جوابدهي يا احتساب نه پيو ٿئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2021ع ۾ جن ميمبرن آئرن ڊوم جي حمايت ڪئي هئي، اهي به هاڻي تقسيم نظر اچن ٿا. تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي عوام جي بدليل راءِ ۽ ايندڙ چونڊن جي دٻاءُ سبب اسرائيل جي امداد وارو معاملو آمريڪي سياست ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.