ٽنڊو مستي جي ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ سرعار هجوم جي آڏو جنهن درندگي سان روبينا چانڊيو نالي نياڻيءَ کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ويو آهي سو واقعو صرف ان نياڻيءَ جو خون ناهي پر مجموعي طور تي سنڌو تهذيب واري مهذب سنڌي قوم جي اجتماعي شعور جو قتل آهي. هونئن ته عورتن کي ڪاري ڪري مارڻ جو اهو واقعو ڪو نئون ناهي پر روايتي ۽ پٺتي پيل ان سوچ جو عڪاس آهي پر پنهنجي سوچيل سمجهيل راءِ اها آهي ته سنڌو تهذيب جي نمائندگي ڪندڙن جي اها ڪاري ريت ناهي.
بهرحال نئين ڳالهه اها آهي ته ڪارو ڪاري جي واقعن خلاف سنڌو تهذيب جي باشعور ۽ ترقي پسند سوچ جي ماڻهن فيصلائتو قدم کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ شروع ڪئي آهي. جئين هن نياڻيءَ جي ڪيس ۾ ڪئي وئي آهي، اها به سٺي ڳالهه آهي ته ڪجهه سالن کان مقامي انتظاميا به نوٽيس وٺڻ شروع ڪيو آهي ۽ هاڻي اهو به وقت جلد ايندو جڏهن عدالتي نظام به ڪاري ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪندي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي به گهرجي ته پوليس ۽ ججن سان گڏ ويهي اهڙي قانون سازي ڪن ته جيئن ڪاروڪاري ڪيس ۾ ملوث قاتل ڪنهن ريت به قانوني سزا کان نه بچي سگهن. جيستائين ان ڏس ۾ ڪو سخت قانون نه جڙندو تيستائين اهو قتل عام نه رڪجي سگهندو.
اسان سمجهون ٿا ته ڪاري جي واقعن ۾ ملوث قاتلن ۽ سهولتڪارن خلاف پوليس ۽ عدالتن جون سخت ترين ڪارروايون تڏهن ٿينديون جڏهن سنڌ جا باشعور ۽ تهذيب يافته ماڻهو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مالڪي ڪندا ۽ سخت احتجاج ڪندا تڏهن ئي حڪومت ئي دٻاءُ پوندو ته اها ڪاري ڪيس جي روڪٿام لاءِ سخت ترين قانون سازي ڪرائي. مثال طور ڇا اهو ممڪن ناهي ته سنڌ اسيمبلي قانوني طور قرار ڏئي ته سنڌو تهذيب جي سرزمين تي ڪا به عورت ڪاري ناهي. جيئن اها روايت پختي پئجي وڃي ته سنڌو تهذيب جي سرزمين تي ڪارو اصل ۾ اهو قاتل قرار ڏنو ويندو آهي جيڪو ڪنهن نياڻيءَ تي ڪارنهپ جو الزام هڻي ان کي قتل ڪندو آهي، پر مرد کي قانوني طور يا عبرت طور ”ڪارو قاتل“ قرار ڏجي ڇاڪاڻ ته ان قتل پٺيان قاتل جي ”ڪاري سوچ“ ڪار فرما هوندي آهي. اسان کي ان سوچ کي بڇڙو ڪرڻو آهي ڇو ته هتي ڪاري سوچ وارن مردن صدين کان عورتن جي وجود تي ڪارنهپ جو پئي الزام لڳايو آهي، نه رڳو الزام لڳايو آهي پر ان عيوض انهن کي قتل به پئي ڪيو آهي، جيڪو عمل هن جديد دور جي جديد سوچ جي ماڻهن لاءِ ناقابل برداشت بڻجي ويو آهي. ان سوچ جا ماڻهو هاڻي نياڻين کي ڪاري جو الزام هڻي قتل ڪندڙ ”ڪارن مردن“ جي آئيني قانوني ۽ سماجي طور روڪٿام چاهين ٿا. ان معاملي ۾ يقيني طور تي هر ساڃاهه وند عورت ۽ مرد پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيڻ به شروع ڪئي آهي. مثال طور سنڌ جي دانشور جامي چانديي تجويز ڏني آهي ته ” اچو ته هن سال کي قبائليت ۽ جاگيرداريت خلاف ۽ سنڌ جي ڌيئرن جي تحفظ جي سال طور گڏجي سجاڳي ۽ مزاحمت جي سال طور ملهايون“
اسان ان تجويز جي آجيان ڪريون ٿا. ان مزاحمت جي يقيني طور تي ضرورت آهي، اها وقتائتي سوچ ۽ راءِ آهي ۽ ان سان يقيني طور تي فرق به پوندو، ڇاڪاڻ ته احتجاجن، مزاحمت ۽ آواز اٿارڻ جا به فائدا ٿيندا آهن، اهڙن احتجاجن ۽ مزاحمت جي نتيجي ۾ حڪومتون به ڪجهه ڪرڻ تي يا نوٽيس وٺڻ تي مجبور ٿينديون آهن. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت، پوليس ۽ عدالتن کي مجبور ڪجي ته اهي ايئن سرعام ٿيندڙ عورتن جي قتلن کي روڪڻ لاءِ سخت ، آئيني، قانوني ۽ اخلاقي قانون جوڙين جيئن اڳتي ڪاري سوچ رکندڙ ڪارن مردن جي گندي سوچ کي ڪنهن عورت تي ڪاري جو الزام هڻي قتل ڪرڻ جي همت نه ٿئي.
پر في الحال جيڪي واقعا ڏسون ٿا تن مان ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪاري سوچ رکندڙ ڪارا مرد پنهنجي سماج مٿان مڪمل طور تي حاوي ٿي چڪا آهن جيڪي جڏهن چاهين ڪنهن به عورت تي ڪاري جو الزام مڙهي انهن کي قتل ڪري سگهن ٿا ۽ اها به حقيقت آهي ته اهڙو قتل اهي هاڻي ڳجهه ڳوهه ۾ نه پر سري عام سوين ماڻهن جي هجوم آڏو به ڪن ٿا جيئن ڳوٺ ٻٽو چانديو ۾ هفتو اڳ روبينه چانڊيو کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. رپورٽن موجب روبينه چانڊيو کي سندس ئي مائٽ صدام مبينا طور شادي جي لالچ ڏئي پاڻ سان وٺي ويو هو پر بعد ۾ سندس وارثن ۽ ڳوٺاڻن جي دٻاءُ پوڻ تي شام جو ئي کيس واپس موڪليو ويو. جيئن ئي روبينا واپس آئي ته ٿوري ئي دير ۾ نياڻي کي سندس مامي قيصر، سليم ۽ ٻيڙو کيس هٿن کان جهلي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته روبينا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هر هر قرآن جو قسم کڻي رحم جي کين اپيل ڪري رهي هئي پر افسوس ته اتي موجود ماڻهو بس تماشو ڏسندا رهيا پر ڪنهن به ان معصوم نياڻي جي حياتي بچائڻ لاءِ مداخلت نه ڪئي جنهن سبب ڪاري سوچ وارا ڪارا مرد آساني سان قتل جي واردات ۾ ڪامياب ٿي ويا.
اهڙي واقعي کي رپورٽ ڪندي اسان جا ته هتي هٿ به ڏڪي رهيا آهن حيرت آهي انهن ماڻهن تي جن اهو نه ڏسي رهيا آهن حيرت آهي ته انهن ماڻهن تي جيڪي نه صرف اهو خوني واقعو ڏسندا رهيا پر ان کي ريڪارڊ به ڪندا رهيا ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي وائرل به ڪيائون پر جيڪڏهن اهو سڄو هجوم همت ڪري انهن ٽن قاتلن کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ها ته اهو به ممڪن هو پر ائين نه ٿي سگهيو شايد ان ڪري به جو اسان جي سماج مٿان ڪاري سوچ وارا ڪارا مرد حاوي ٿي ويا آهن.