هڪ وفاقي وزير استعيفيٰ ڏيڻ وارو،شهباز حڪومت لاءِ امتحان جي گهڙي؟

لاهور( امداد سومرو) ملڪ هڪ نئين ۽ سنگين بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن جو تعلق سياسي عدم استحڪام، معاشي دٻاءُ ۽ عالمي حالتن سان آهي،ذريعن موجب ملڪ اندر هڪ وفاقي وزير مبينا طور استعيفيٰ کيسي ۾ کڻي گھمي رهيو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي 100 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ۽ سرمائي جي ٻاهر وڃڻ واري معاملي ۾ نوان انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن۔سعودي عرب پاڪستان کي 3 ارب ڊالر فراهم ڪيا آهن، جڏهن ته 5 ارب ڊالر جا اڳوڻا ڊپازٽ به ڊگهي مدي لاءِ وڌايا ويا آهن، جيڪي 2028 تائين برقرار رهندا۔وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ايران-آمريڪا-اسرائيل تڪرار سبب عالمي توانائي بحران وڌي رهيو آهي، جنهن جو اثر پاڪستان تي به پئجي رهيو آهي۔عالمي توانائي ايجنسي جي حوالي سان چيو ويو ته تيل ۽ گيس جون قيمتون 2026 تائين بلند رهڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته خطي جي انفراسٽرڪچر کي ٿيل نقصان جي بحالي ۾ وقت لڳندو۔هن وقت  حڪومت بظاهر مضبوط نظر اچي ٿي، پر سياسي حالتن جي نارمل ٿيڻ کان پوءِ صورتحال ٻيهر غير مستحڪم ٿي سگهي ٿي۔وزيراعظم شهباز شريف انتظامي معاملا بهتر سنڀالي رهيو آهي، پر سياسي قيادت ۽ ڪرشماتي  قيادت جي کوٽ سبب حڪومت سياسي طور مڪمل مضبوط نه ٿي سگهي آهي،گذريل 3 کان 4 سالن ۾ تقريباً 100 ارب ڊالر پاڪستان مان ٻاهر منتقل ٿيا آهن، جنهن جو ساليانو اوسط 25 کان 35 ارب ڊالر بڻجي ٿو۔هن رقم کي پاڪستان جي بجيٽ جي لڳ ڀڳ اڌ ۽ دفاعي خرچ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ قرار ڏنو ويو۔سياسي تڪرار، قانوني عدم استحڪام ۽ ادارن تي بي اعتمادي سبب مقامي ۽ غير ملڪي سيڙپڪار پنهنجو سرمايو ملڪ مان ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن۔جيڪڏهن سياسي استحڪام، قانون جي بالادستي ۽ اعتماد بحال نه ٿيو ته سرمائي جي واپسي ممڪن نه ٿيندي، ۽ ملڪ جو معاشي بحران وڌيڪ گهرو ٿي سگهي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.