خيرپور/ ٽنڊو مستي (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو/ ٽنڊو مستي) خيرپور ڀرسان ٽنڊو مستي ۾ نوجوان نياڻي سرعام سوين ماڻهن جي وچ ۾ ڪارنهن الزم هيٺ گوليون هڻي قتل، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي ٽنڊ مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ پنج ڏينهن اڳ نوجوان نياڻي خالده عرف روبينا چانڊيو کي مبينا طور سندس ويجهن عزيزن طرفان سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، واقعي جي اطلاع موجب هي واردات ڳوٺ جي وچ ۾ سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ پيش آئي، پر افسوسناڪ طور ڪنهن به اڳتي وڌي نياڻي جي جان بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي مقامي ذريعن موجب مقتولا روبينا چانڊيو کي سندس عزيز صدام مبينا طور شادي جي لالچ ڏئي پاڻ سان وٺي ويو هو پر بعد ۾ ڳوٺاڻن ۽ وارثن جي دٻاءُ پوڻ تي شام جو ئي کيس واپس آندو ويو، واپس اچڻ شرط ئي صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار بڻجي وئي ۽ ٿوري ئي دير ۾ نياڻي کي سندس مامي قيصر، سليم ۽ ٻيڙو مبينا طور هٿن کان جهلي بي رحمي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته مقتولا روبينا چانڊيو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ بار بار قسم کڻي رحم جي اپيل ڪندي رهي، پر موجود سوين ماڻهن مان ڪنهن به مداخلت ڪرڻ جي همت نه ڪئي، جنهن سبب جوابدارن کي کليل نموني واردات ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري روبينا چانڊيو جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سھولتڪارن خلاف پوليس جو سرچ آپريشن ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي هدايتن تي پوليس ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ پوليس جو ناري جي قتل واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف آپريشن جاري پوليس آپريشن دوران ملوٽ 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدارن جا گهر پڻ مسمار ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي موجب گرفتار 18 ڄڻن مان 5 ڄڻن کي سڃاتو ويو آهي جيڪي واقعي ۾ ملوث آهن، ناري روبينا چانڊيو کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور جو نوٽيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور منو مل پاران نوٽيس وٺندي پوليس کي واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون ۽ واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪري 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ سيشن ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي.
سنڌ ۾ عورتون انتھائي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن: سنڌياڻي تحريڪ
حيدرآباد(رپورٽر)سنڌياڻي تحريڪ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي، جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ھزار ناز ڪنراڻي، امير زادي برھماڻي، ناھيد جوڳي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فضا ملاح پنھنجي گڏيل بيان خيرپور جي علائقي ٽنڊومستي ۾ نوجوان نياڻي کي ڪارنھن الزام ۾ گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ عورتون انتھائي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن. سنڌ ۾ ڪٿي به عورت محفوظ ناهي. سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرڪي نظام سنڌ کي عورتن لاءِ مقتل گاھ بڻائي ڇڏيو آھي. حڪومت عورت دشمن ۽ انسان دشمن نظام جي محافظ بڻيل آھي، جرڳا ڪري بيگناھن جا خون لوڙھي قاتلن ۽ دھشتگردن کي صاف سٿرو بنايو وڃي ٿو
واقعي ۾ ملوث جوابدار ڪنهن به قسم جي رعايت جي لائق ناهن:صوبائي وزير
خيرپور:خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي جي ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيل ناري روبينا چانڊيو واري واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شاهينا شير علي پاران نوٽيس ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي، صوبائي وزير شاهينه شير علي جو چوڻ آهي ته غيرت جي نالي تي نوجوان عورتن کي بيدردي سان قتل ڪرڻ انتھائي افسوسناڪ عمل آهي ۽ هن افسوسناڪ واقعي ۾ علائقي واسين جي خاموش تماشائي وارو ڪردار به قابل مذمت جوڳو آهي هن چيو واقعي ۾ ملوث جوابدار ڪنهن به قسم جي رعايت جي لائق ناهن.
روبينه جو قتل هڪ فرد جو نه پر سڄي انسانيت جو قتل آهي: ام رباب
ڪراچي: سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل ام رباب چانڊيو ٽنڊو مستي ۾ روبينه چانڊيو کي “غيرت” جي نالي تي بي دردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي تي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي درندگي جي انتها قرار ڏنو آهي، ام رباب پنهنجي بيان ۾ چيو ته روبينه جو قتل صرف هڪ فرد جو قتل ناهي پر سڄي انسانيت ۽ سماجي اخلاقي قدرن جو قتل آهي، اهڙا واقعا نظام ۽ رياست جي ناڪامي ۽ لا قانونيت جو ثبوت آهن، جيڪا عورتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، روبينه چانڊيو جو خون انهن سڀني ماڻهن جي ڪنڌن تي آهي، جيڪي ‘غيرت’ جي نالي تي ٿيندڙ هن دهشتگ ردي کي سماجي روايت سمجهن ٿا۔ ڪنهن به انسان کي اهو حق حاصل ناهي ته الزام جي بنياد تي جلاد بڻجي ڪنهن جي زندگي کسي وٺي۔ اهڙا واقعا معاشري ۾ گڏيل طور خوف ۽ دهشت ڦهلائين ٿا ۽ نوجوان نسل کي اهو پيغام ڏين ٿا ته قانون هٿ ۾ وٺڻ ۽ عورت کي ملڪيت سمجهي ختم ڪرڻ جائز آهي، جيڪا بيمار معاشري جي علامت آهي، آخر ۾ هن چيو ته اسان کي هن فرسوده نظام ۽ قاتلاڻي سوچ کي پاڙان اکوڙي ڦٽو ڪرڻو پوندو نه ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
اڄ هانءُ ڏري پيو، ڪو به ماڻهو قانون کان مٿانهون ناهي:هاءِ ڪورٽ بار
خيرپور:سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران خيرپور جي ٽنڊومستي واري علائقي ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ ناري روبينا چانڊيو جي بي رحماڻا قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، جوابدارن ناري کي زبردستي پڪڙي ڪيترن ماڻهن جي سامهون بيدردي سان قتل ڪيو بيان ۾ چيو ويو ته شروعاتي رپورٽن مطابق ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي جوابدار فرار آهن ڪو به فرد يا گروھ قانون کان مٿانهون ناهي ۽ ڪنهن کي به قانون پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ يا بغير عدالت جي ڪارروائي جي سزا ڏيڻ جو ڪو اختيار حاصل ناهي.
ٽنڊومستي واقعو سرڪار ۽ پوليس جي منهن تي چماٽ آهي:ساڃاهه وند
ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ٽنڊو مستي ۾ مبينا طور پوليس اهلڪارن جي موجودگي ۾ نياڻي جي قتل تي سنڌ ۾ باهه ٻري وئي، ساڃاهه وندن پاران واقعي جي سخت مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جماعت اسلامي اڳواڻ ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ صوبو حڪومت جي غفلت جي ڪري اڄ عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ محفوظ پناهه گاهه بدران هاڻي مقتل گاهه ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، مقتول روبينه خالدہ چانڊيو ۽ شمائله چانڊيو جو قتل ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت قاتلن، ڌاڙيلن ۽ درنده صفت ڏوهارين آڏو مڪمل طور بي وس جڏهن ته روزانو بيگناهه نوجوانن کي “هاف فراءِ” ۽ “فل فراءِ” جي نالي تي جعلي مقابلن ۾ قتل يا سڄي عمر لاءِ معذور ڪيو وڃي ٿو۔ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ٽنڊومستي ڀرسان ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ نوجوان عورت روبينه چانڊيو کي ڪاري جي الزام مڙھي ماڻھن جي ھجوم ۾ گوليون ھڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمرحيدر جتوئي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيوآھي ته خيرپور ضلعي جي ٽنڊو مستي ويجھوڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ جرڳي ڪري ماڻھن جوھجوم گڏ ڪري عورت روبينه چانڊيو کي سري عام گوليون ھڻي قتل ڪري قاتلن انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن. اھڙن وحشي جوابدارن سميت ھجوم ۾ موجود سمورن ماڻھن کي گرفتارڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ڪٿي به قانون نظر نٿو اچي، ٽنڊو مسٽي ۾ پيش آيل نياڻي روبينا چانڊيو جو واقعو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ مان قانون ختم ٿي ويو آهي، ماڻهو وحشي بڻجي ويا آهن.
نياڻي کي واپس آڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو: امڙ
خيرپور:خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ٿيل ناري روبينا چانڊيو جي امڙ نبُل خاتون ٻُڌايو آهي ته منهنجي نياڻي روبينا کي بيدردي سان ماريو ويو آهي منهنجي ڌيءَ روبينا ئي صدام چانڊيو کڻي وڃي ڪري ميرل چانڊيو جي گهر رهايو جنهن بعد اُتان منهنجي نياڻي کي وٺي ڪري اچي منهنجي ڀاءُ ۽ روبينا جي مامي قيصر چانڊيو کي اچي ڏنئون منهنجي ڌيء کي چڱي وٽ ڏين هان ته مون سان ايڏو ظلم نه ٿئي هان هن چيو ته منهنجي ڀاءُ جوابدار قيصر ان ڪري روبينا کي ماريو جو هنن ڪاري ڏني ڪارو نه ڏنو جي ڏين هان ڪارو به ڏين يا وري ڪنهن چڱي مڙس وٽ آڻين هان منهنجو سُھرو نياڻي جي قتل جي فرياد ڪرائڻ لاء ٿاڻي تي ويو ته پوليس اُن کي به لاڪپ ڪري ڇڏيو پوليس داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ بيگناھ منهنجي سُھري ولي محمد چانڊيو ۽ ڀاڻيجي پھلوان جو نالو ڏئي ڇڏيو اٿئون هن چيو ته مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي مون سان انصاف ڪيو وڃي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي طرفان نياڻين جي قتل خلاف جلسو
ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن جو ڪنڌڪوٽ جي گهنٽاگهر چوڪ تي جلسو ٿيو، ايس ٽي پي پاران سنڌ اندر نياڻين کي قتل ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ڪرڻ سنڌ اندر منشيات جو ڪاروبار عروج تي هجڻ سنڌر اندر قبيلائي جهيڙن جي آزار امن و امان جي صورتحال خراب هجڻ خلاف جلسي عام ڪيو ويو، اڳواڻن ڄام عبدالفتاح سميجو، سومار خان، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاهاڻي، سرمد جاگيراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ اندر قتل عام ٿي ويو آهي قانون جو ڪوبه خوف نه رهيو آهي پوليس جي موجودگي ۾ نياڻين کي هاڻ ڪڌي رسم هيٺ الزام مڙهي قتل ڪيو پيو وڃي، قانون وڏيرن جي ماتحت آهي، پيپلزپارٽي جي حڪمن جي طابع آهي ته سنڌ سور اهنج ڪئين ختم ٿي سگهندا، هنن سمورن مسئلن جو حل پيپلزپارٽي آهي جيستائين سنڌ اندر پيپلزپارٽي جو وجود ختم نه ٿيندو ايستائين سنڌ اندر نياڻيون سرعام قتل ٿينديون. ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ جي اڳواڻن حاڪم زادي ٿيٻو، سحر رضوي، سعيده گوپانگ ۽ ايڊوڪيٽ بختاور چانڊيو ٽنڊو مستي ۾ پيش آيل ناري جي بي رحماڻي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، اڳواڻن چيو ته هي افسوسناڪ واقعو حڪمرانن ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهليءَ جو چٽو ثبوت آهي. هنن چيو ته سنڌ مٿان مسلط جاگيرداراڻو نظام اڄ به طاقت جي زور تي جرڳن ذريعي عورتن خلاف ظلم ۽ بربريت کي جاري رکيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي قابل مذمت عمل آهي. اڳواڻن سنڌ اندر وڌندڙ لاقانونيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي عورت اڄ به مڪمل طور غير محفوظ آهي.، عورت نه پنهنجي گهر ۾ محفوظ آهي، نه تعليمي ادارن، يونيورسٽين ۽ آفيسن ۾ کيس تحفظ حاصل آهي، ٽنڊو مستي ۾ پيش آيل قتل واري واقعي ۾ صرف فائرنگ ڪندڙ ماڻهو نه پر ان ۾ ڪيترائي ٻيا ڪردار پڻ شامل آهن، جن سڀني خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ان سان گڏ متاثر خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.