پاڪ-ايران گئس پائيپ لائن مڪمل ڪرڻ گهرجي:حافظ نعيم

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير  حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت آمريڪي دٻاءُ کي رد ڪري ايران سان آزاد واپار ۽ پاڪ ايران گئس پائيپ لائين مڪمل ڪري. ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، حڪومت کي عالمي سطح تي مڃتا جا  ثمر حاصل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ گهرجي،پيٽرول جي قيمت 250 رپيا في ليٽر تائين گهٽائي وڃي. جماعت اسلامي پنجاب ۾ پيٽروليم ليوي ۽ تعليمي ادارن جي نجڪاري کي عدالت ۾ چئلينج ڪندي. منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان نار ۾ تڪرار دوران سعودي عرب جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ان قوم کي ورهائجي وڃڻ کان بچايو. هن ايراني قيادت ۽ قوم جي جنگ ۽ ڳالهين ۾ ثابت قدمي جي تعريف ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جنگ بندي جون ڳالهيون ڪامياب ٿينديون،هن چيو ته زراعت جو شعبو تباهي جو شڪار آهي ۽ هاري پريشاني جي حالت ۾ آهن ۽ پنجاب حڪومت هن تباهي جي مکيه ذميوار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.