اسلام آباد(حبيب اڪرم) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران جي بندرگاهن تي بحري ناڪابندي جو اعلان وچ اوڀر جي صورتحال کي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي۔ جيتوڻيڪ بظاهر فضائي يا ميزائل حملن جي سطح تي جنگ بندي موجود آهي، پر بحري ناڪابندي پاڻ ۾ هڪ وڏي جنگي ڪارروائي سمجهي پئي وڃي۔آمريڪي اعلان موجب ايران جي بندرگاهن ڏانهن ويندڙ يا اتان نڪرندڙ جهازن کي عربي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي۔ گڏوگڏ اهي جهاز به نشاني تي هوندا جيڪي ايران کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ لاءِ ادائيگي ڪندا آهن۔ايران جون اهم بندرگاهون بندر عباس، بندر امام خميني، بندر بوشهر ۽ خارگ ٻيٽ آهن، جتي خاص طور تيل جي برآمد ٿئي ٿي۔ بندر عباس ايران جي معيشت ۾ ساڳيو ڪردار ادا ڪري ٿو جيئن پاڪستان ۾ ڪراچي بندرگاهه، خارگ ٻيٽ خاص طور تي تيل جي برآمد لاءِ اهم مرڪز آهي، جڏهن ته چابهار بندرگاهه آبنائي هرمز کان ٻاهر هجڻ سبب نسبتاً محفوظ سمجهيو وڃي ٿو۔ايران جي اتر ۾ ڪئسپين سمنڊ موجود آهي، جتي روس ۽ ٻين ملڪن سان واپار ممڪن آهي، پر اتان تيل جي وڏي برآمد ممڪن ناهي۔رپورٽ موجب بحري ناڪابندي ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو اثر پاڪستان تي به پئجي سگهي ٿو، ڇو ته پاڪستان جون اهم بندرگاهون گوادر، ڪراچي ۽ پورٽ قاسم به عربي سمنڊ ۾ واقع آهن۔ماهرن موجب جيڪڏهن خطي ۾ بحري تڪرار وڌي ٿو ته جهازن جي انشورنس جا خرچ اڳ ئي وڌي چڪا آهن ۽ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان واپار متاثر ٿيندو۔رپورٽ ۾ چار امڪاني حڪمت عمليون بيان ڪيون ويون آهن پهرين ايران محدود ردعمل اختيار ڪري نقصان کي گهٽ رکڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو ۽ واپار کي متبادل رستن ذريعي جاري رکي سگهي ٿو، جهڙوڪ ڪئسپين سمنڊ يا پاڪستان جي گوادر بندرگاهه ذريعي۔ ٻيو جارحاڻو جواب، ايران آبناءِ هرمز تي وڌيڪ سختي ڪري سگهي ٿو يا ان کي جزوي طور بند ڪري سگهي ٿو، جنهن سان عالمي تيل جون قيمتون وڌي سگهن ٿيون،ٽيون جنگ کي وڌائڻ: ايران باب المندب ۽ ٻين علائقن ۾ پنهنجن اتحادي گروهن ذريعي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو، جنهن سان سوئز ڪئنال جهڙا اهم واپاري رستا متاثر ٿي سگهن ٿا،چوٿون سفارتڪاري پاڪستان، ترڪي ۽ مصر جهڙا ملڪ وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جنهن سان ڪنهن حد تائين معاهدي جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا۔برطانيا جي وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته هن ناڪابندي ۾ شامل ٿيڻ جو مطلب جنگ ۾ شامل ٿيڻ برابر هوندو، تنهن ڪري برطانيا محتاط موقف اختيار ڪيو آهي۔چين، جيڪو ايران جو اهم تيل خريدار آهي، هن وقت تائين ڪنهن به سخت ردعمل کان پاسو ڪيو آهي، جڏهن ته روس صورتحال کي پنهنجي اسٽريٽجڪ فائدي طور ڏسي رهيو آهي۔ماهرن موجب ايران لاءِ هي صورتحال صرف معاشي نه پر سياسي ۽ اسٽريٽجڪ چيلنج به آهي، جڏهن ته آمريڪا لاءِ به اهو قدم هڪ نئين ۽ وڌيڪ پيچيده بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو۔ايران اڳ به سخت پابندين ۽ دٻاءُ کي منهن ڏئي چڪو آهي، پر هر ڀيري هو وڌيڪ مضبوط ٿي سامهون آيو آهي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هي نئين بحري ناڪابندي خطي کي امن ڏانهن وٺي وڃي ٿي يا هڪ وڏي تڪرار ڏانهن