ايران ۽ آمريڪا جا رنڊيل معاملا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون : وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پاڪستان آمريڪا-ايران ڳالهين ۾ مثبت  اڳڀرائي لاءِ پراميد آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويووزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو.ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ ايران ۽ آمريڪا کي آمهون سامهون آڻڻ جو ڪريڊٽ پاڪستان کي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي لاءِ پراميد آهي.وفاقي ڪابينا ايران-آمريڪا ڳالهين لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. ڪابينا ميمبرن ڳالهين لاءِ نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، 47 سالن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي آمهون سامهون ڳالهيون ٿيون، آمريڪي ۽ ايراني وفد اسان جي درخواست تي پاڪستان آيا، مان ٻنهي صدرن جو شڪرگذار آهيان، پاڪستان جي ڪوششن جو نتيجو اهو آهي ته جنگ بندي اڃا تائين برقرار آهي. وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مان فيلڊ مارشل ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، اهي سڄي رات جاڳندا رهيا، تاريخ اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪردار کي سونهري اکرن ۾ ياد رکندي.هن چيو ته پاڪستان کي اهو اعزاز مليو جيڪو تاريخ ۾ صرف چند ماڻهن کي ملي ٿو، پاڪستان کي جنگ جي بادلن کي امن ۾ تبديل ڪرڻ جو موقعو مليو، ايران ۽ آمريڪا 21 ڪلاڪ ڳالهيون ڪيون، ايراني ۽ آمريڪي وفد سامهون ويٺا، پاڪستان کي امن بحال ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي جو موقعو مليو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.