امن لاءِ پرڏيهي وزارت جون ڪوششون فخر جوڳيون آهن: نائب وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ اسلام آباد ڳالهين جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آفيسرن جي محنت کي سرڪاري طور تي ساراهيو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنا بلوچ ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيندڙ تاريخي ڳالهين دوران پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جنهن محنت، لڳن ۽ پيشوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو، اها عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ اضافي جو سبب بڻي آهي. هن آفيسرن جي ڪردار کي اهم قرار ڏيندي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

ايران کي تيل وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ناڪابندي؟

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)دفاعي تجزيه ڪار جسٽن ڪرمپ موجب، ڊونلڊ ٽرمپ جو ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي وارو منصوبو ايران واري جنگ ۾ وڌيڪ شدت آڻيندو ۽ اهو ”امن معاهدو حاصل نه ٿيڻ تي ٽرمپ جي ڪاوڙ“ جي عڪاسي ڪري ٿو۔بي بي سي بريڪ فاسٽ سان ڳالهائيندي ڪرمپ چيو ته انهن تجويزن جي نتيجي ۾ ايران پنهنجي خريدارن، جهڙوڪ چين، کي تيل وڪرو نه ڪري سگهندو، جنهن سان ايران تي دٻاءُ وڌندو۔ آمريڪا ۽ ايران ٻئي اهو محسوس ڪن ٿا ته انهن وٽ هڪ ٻئي تي برتري آهي، ۽ ٻئي ڌريون ”اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته اصل ۾ هو ئي کٽيا آهن ته  جيئن ٻئي کي هيٺ آڻي سگهجي“۔هن موجب ان سان ڇڪتاڻ ۽ بيچيني ۾ اضافو ٿيندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.