پاڪستان ۾ پيٽرول 400 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد/لنڊن (عوامي آواز رپورٽ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران خلاف بحري ناڪابندي جي اعلان کانپوءِ عالمي  مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي، جنهن جا اثر سڌي ريت پاڪستاني معيشت تي پوڻ جو امڪان آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ برنٽ ڪروڊ جو اگهه 9 سيڪڙو وڌي ويو آهي، جنهن کانپوءِ تيل 105 ڊالر في بيرل جي سطح تي پهچي ويو آهي. معاشي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 کان 30 رپيا تائين فوري اضافو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن آبنائي هرمز ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿي ته اهو اضافو 40 رپيا في ليٽر تائين به وڃي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.