آمريڪا ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي، ٽرمپ جي 158 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران خلاف وڏو قدم کڻندي ايراني بندرگاهن تي ايندڙ ۽ اتان ويندڙ سموري بحري اچ وڃ جي ناڪابندي جي باقاعدي شروعات ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي شروع ڪئي وئي آهي، ڪنهن به ملڪ جي جهازن کي ايراني بندرگاهه يا سامونڊي علائقن تائين وڃڻ نه ڏنو ويندو پر آبناءِ هرمز مان گذرندڙ انهن جهازن کي نه روڪيو ويندو، جيڪي ايراني بندرگاهن بدران ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا هجن.
هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هنن 158 ايراني بحري جهاز مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
هن اها به دعويٰ ڪئي ته هن وقت ايران جي بحريا سمنڊ جي تهه ۾ پيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.