سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪافي ناهن:ساڃاهه وند

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سيمينارڪوٺايو ويو،  جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار اداري جي ھال ۾ ٿي گذريو جنهن جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرس فورم ڪئ ، ھن سيمينار ۾ ٻولين جا ماھر، اديب سياسي سماجي شخصيتون ۽ عورتون پڻ شريڪ ٿيون، پروگرام جي ڪارروائي رمضان ٻرڙو ڪئي جڏهن مقررن ۾ پروفيسر يعقوب چانڊيو، جڳديش آھوجا، پروفيسر  قاضي خادم، نصير مرزا  ۽ سيد زين شاهه شامل ھئا، مقررن جو چوڻ ھو ته تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي پڙھايو وڃي، اڪثر وڏن پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي عارضي  تحت نصاب پڙھايو پيو وڃي جتي سنڌي سبجيڪٽ جو امتحان ئي نه ٿيندو آهي پر حقيقت ۾ سنڌي اردو پڙھائي نه پئي وڃي، صرف انگريزي زبان کي اھميت ڏني پئي وڃي، پاڙيسري ملڪ ۾ لکين سنڌي پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن پر سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڏو حب سنڌ آهي پر ھتان جو قومي اسيمبلي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو بل آڻي ناهي سگهي، سنڌ جي حڪمرانن کي گھرجي تي سنڌي ٻولي لاءِ پنهنجون ڪوششون وٺن ھي ڏھاڙو ڀر واري ملڪ ۾ سنڌيت نالي سان جڙيل آهي سنڌي ٻولي لاءِ پوري سنڌين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، سنڌ جي سموري انتظامي، عدالتي، پارلياماني ۽ سرڪاري لکپڙھ سنڌي ٻوليءَ ۾ لازم ھجڻ جي قانون تي عملدرآمد ڪرايو وڃي، سرڪاري تعليمي ادارن سان گڏوگڏ سمورن نجي تعليمي ادارن ۾ نرسري ۽ ڪي جي کان وٺي اعليٰ تعليم تائين سنڌي ٻوليءَ جي نصاب کي لازمي قرار ڏئي ان تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.