ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ اڄ کان اڱاري تائين گرمي پد وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن موجب عمان سمنڊ ڀرسان اينٽي سائيڪلونڪ گردش موجود آهي، جنهن سبب سامونڊي هوائون متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد وڌي سگهي ٿو، اڄ کان اڱاري تائين گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ان دوران ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهي سگهي ٿو، گهم گهٽ هجڻ سبب گرمي پد جي شدت 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ٿي سگهي ٿي.
موسمياتي تجزئي نگارن موجب گرمي جي اها لهر هيٽ ويو ناهي، شام يا رات جي وقت هلڪي رفتار ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿينديون، اپريل جي آخر يا مئي جي شروعات ۾ سنڌ ۾ برساتن جو امڪان ناهي.
You might also like