حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي بھادر سياستدان شاگرد اڳواڻ شھيد نذير عباسي جي 73ھين سالگرهه سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان حيدرآباد ۾ ملھائي وئي. سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمرحيدرجتوئي تقريب کي خطاب ڪندي چيوته ڪامريڊ شھيد نذير عباسي بھادر سچو اڳواڻ ھو. جنھن پورھيتن مزدورن ھارين شاگردن جي حقن سميت عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاء ۽ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي لاء سچائي سان جدوجھد ڪندي شھادت حاصل ڪئي. آمريت جي ظالمن شھيد نذير عباسي مٿان ٽارچلن سيلن ۾ تشدد ڪري کيس شھيد ڪري ڇڏيو. شھيد نذير عباسي انقلابي اڳواڻ ھو. جنھن عوام جي خاطر پنھنجي جان جي قرباني ڏئي ڇڏي اھڙا ماڻھو تاريخ ۾ سدائين امر ھوندا آھن. شھيد نذير عباسي کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪندي چيوته موجوده وقت ۾ عوام مھانگائي سبب سخت پريشان آھي پيٽرول ڊيزل جي قيمت ۾ اضافي سبب عوام مھانگائي جي طوفان ۾ پريشاني واري صورتحال مان گذري رھيو آھي. ڪامريڊ ثمرحيدر جتوئي خطاب ڪندي چيوته ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سبب آبادگار ھاري سخت پريشاني مان گذري رھيا آھن. ٽريڪٽر وسيلي ٿريشر ھلائڻ ھر ڪاھڻ سميت زرعي شعبي ۾ ھر شي مھانگائي جي ورچڙھيل آھي. يوريا ڀاڻ زرعي دوائون به مھانگيون ٿي ويون. جنھن سبب آزراعت جي ميدان ۾ خرچ وڌڻ سبب زراعت کي سخت نقصان پھچي رھيو آھي. اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ فوري طور گهٽتائي ڪئي وڃي. تقريب کي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.