اسرائيل ڳالهين کي نقصان پهچائڻ لاءِ دوحا جهڙي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وفدن وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين لاءِ تياريون مڪمل  ڪيون ويون آهن. رپورٽن موجب اڄ باضابطا ڳالهيون شروع ٿينديون. سفارتي حلقن ۾ هن وقت انتهائي محتاط انداز اختيار ڪيو پيو وڃي، خاص ڪري ايراني سفير پاران ڳالهين بابت پنهنجو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪرڻ بعد اهي افواهه آهن ته ٻئي ڌريون ان عمل کي انتهائي ڳجهو رکڻ چاهين ٿيون. تجزئي نگار ۽ عالمي  معاملن جي ماهر ڊاڪٽر عائشا صديقا هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم تي تبصرو ڪيو ته انهن ڳالهين ۾ سڀ کان وڏو ”وائلڊ ڪارڊ“ اسرائيل آهي. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو هن عمل کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، جيئن ماضيءَ ۾ دوحا ۾ ڪيو ويو هو. ياد رهي ته قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ غزا ۾ جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽاسٽا بابت اهم ڳالهيون هلي رهيون هيون. اسماعيل هنيا ان سڄي ڳالهين واري عمل ۾ هڪ اهم ۽ مرڪزي ڪردار هو. دوحا واقعي کانپوءِ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ سڌي سنئين جنگ جا خطرا وڌي ويا هئا ۽ سفارتڪاريءَ کي وڏو نقصان پهتو هو. لبنان تي تازي اسرائيلي بمباري، جنهن ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر سوين ماڻهو مارجي ويا آهن، تنهن پڻ امن جي ڪوششن کي سخت نقصان پهچايو آهي. تجزئي نگار اها ڳالهه ڪن ٿا ته جڏهن به امن جو ڪو رستو نڪرندو نظر ايندو آهي، تڏهن اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو ڪنهن نه ڪنهن ٽارگيٽيڊ ڪارروائي ذريعي ان ماحول کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي. ٻئي طرف، ڊونلڊ ٽرمپ هن معاهدي کي پنهنجي وڏي سياسي فتح طور دنيا آڏو پيش ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ايران اهڙي ڪنهن به ”نفسياتي شڪست“ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ايراني اختيارين جو موقف آهي ته اهي برابريءَ جي بنياد تي ميز تي ويهندا. پاڪستان جيتوڻيڪ ميزباني ڪري رهيو آهي، پر ماهرن جو خيال آهي ته معاهدي جي پائيداريءَ لاءِ چين جهڙي وڏي طاقت کي ضمانتي طور شامل ڪرڻ ضروري هوندو، ڇاڪاڻ ته آبنائي هرمز، ميزائلن جي حد ۽ غزا جهڙا پيچيدا مسئلا حل ٿيڻ ۾ سال وٺي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.