ملڪ ۾ ٽيڪس وڌيڪ آهن پر عوام لاءِ سهولتون ناهن:جونيئر ذوالفقار

وڳڻ (رپورٽ: علي گل مغيري) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا پنهنجي انا کي پاسي تي  رکي ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته جنگ بندي ۽ ڳالهين واري مرحلي ۾ پاڪستان کي هڪ اهم حيثيت ملي رهي آهي، وڳڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تمام گهڻي آهي غريب ماڻهون ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، شهيد ڀٽو پارٽي کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي مسئلا گهڻا هئاجنهن ڪري نه هلائي سگهاسين، هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس وڌيڪ آھن پر عوام لاءِ سھولت نه آھي، پيٽرول اگھن ۾ لاٿ ٿيڻ گھرجي، ٻار گٽرن ۾ ٻڏن پيا، مريم نواز هر هنڌ پهچي ٿي ته سنڌ جا حڪمران ڇو نٿا اچن، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب غريب مسڪين عوام عذاب واري زندگي گھارڻ ۽ مھانگائيِءَ جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي، حڪمرانن کي تيل سستو ڪرڻ گھرجي، جڏھن ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته جلد شادي ڪندس، پ پ پ شھيد ڀٽو منھنجي والد شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ٺاھي جنھن ۾ سندس ساٿين وڏيون قربانيون پر پ پ پ شھيد ڀٽو اندر ڪمپرو مائيز ڪرڻ وارو عنصر اچڻ ۽ منھنجي لاءِ ڪافي رڪاوٽون پيدا ڪرڻ ڪري مان ان پارٽي ۾ ڪم نه ڪري سگھيس مان چاھيان ٿو ته اھڙي پارٽي ٺاھيان جنھن ۾ ميڊيا سميت سمورا دوست گڏ ھجن سوشلسٽ نظرياتي سياست تحت غريب مسڪين مظلوم عوام ۽ ملڪ جي پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ڪري سگھان دوستن سان صلاح مشورا ھلندڙ آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.