اليڪشن سسٽم شفاف ناھي، هر طاقتور ڌانڌلي ڪري ٿو: اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ مان ايم اين اي جئي پرڪاش لوھاڻي  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو

سان، حيدرآباد پرنس ٽائون ۾ سندن لا آفيس ۾ ملاقات ڪري اھم معاملن تي  ڳالھ ٻولھ  ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي  ڳالھائيندي چيو تہ اقتدار تي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن مافيا جو قبضو آهي, غريب ماڻهن جي  ممانگائي ذريعي زندگي جھنم بنائي وئي حڪمران طبقو بادشاھي واري زندگي گذاري ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سردار، جاگيردار، سرمائيدار ۽ امير ماڻھو اليڪشن ۾ ڪروڙين روپيا سيڙپڪاري ڪري حڪومت ۾ اچي ڪرپشن ذريعي ٻيڻي دولت ڪمائين ٿا. عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙا ھڻي جعلسازي سان سنڌ دوست حقيقي ترقي پسند، جمھوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن ماڻهن جا نتيجا تبديل ڪيا وڃن ٿا ۽ کين اسيمبلي ۾ اچن نٿو ڏنووڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشن سسٽم شفاف ناھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ان حساب سان ڌانڌلي ڪري ٿو . .اياز لطيف پليجي چيو  ته پيپلزپارٽي وٽ سنڌ جي غريب عوام جي ترقي جو ڪو بہ پروگرام نہ آهي،اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي. اياز لطيف پليجي چيو  ته سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ سندس سنڌ حڪومت آهي . پي ٽي آءِ جي ايم اين اي جئي پرڪاش لوھاڻي چيو تہ پاڪستان ۾ ھر نعمت آھي زرعي ملڪ ھجڻ باوجود اٽو، چانور، کنڊ سميت کاڌي پيتي جي ھر شئي مھانگي آھي. پيٽرول جون قيمتون آسمان کي پھتل آھن، بجلي ۽ گئس مھانگي آھي. ڪرپٽ حڪومتي سرشتي ۾ زندگي مھانگي ٿي وئي آھي. امير ماڻھو ھر شئي خريد ڪري سگھي ٿو باقي غريب ۽ پورھيت طبقي جو ماڻھو لاءِ زندگي تنگ ڪئي وئي آھي. ڦورو ۽ استحصالي معاشي نظام پورھيت طبقي کي لٽي رھيو آھي. آئي ايم ايف جي ھدايتن تي جوڙيل معاشي نظام ملڪ جي پاڙن کي ڪمزور ڪري رھيو آھي. ملڪ تيزي سان بند گلي ڏانھن وڌي رھيو آھي. حڪمران لاتعلق آھن. ان جا نيٺ تہ ڀيانڪ نتيجا نڪرندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.