لبنان تي اسرائيلي بمباري آمريڪا-ايران جنگ بندي لاءِ خطرو، واشنگٽن ۾ ڳڻتي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته هو ايندڙ هفتي واشنگٽن ۾ اسرائيل ۽ لبنان جي وفدن وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني  ڪندو. هي اعلان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيل پاران لبنان تي جاري بمباري سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل تازي ۽ نازڪ جنگ بندي کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي. فرانسيسي اداري موجب، آمريڪي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ايندڙ هفتي ٿيندڙ اجلاس جو مقصد تڪرار کي وڌڻ کان روڪڻ ۽ جنگ بندي جي عمل کي پائيدار بڻائڻ آهي. گذريل اربع تي اسرائيلي حملن ۾ سوين لبناني شهري جان وڃائي ويٺا هئا. ٻئي طرف، لبناني حڪومت جي هڪ عملدار صاف چيو آهي ته بيروت ڪنهن به مذاڪرات جو حصو بڻجڻ کان اڳ جنگ بندي چاهي ٿو. ياد رهي ته اڃا تائين اسرائيل ۽ لبنان پاران کليل نموني واشنگٽن  ڳالهين ۾ شرڪت جي تصديق نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري خطي ۾ امن جون ڪوششون اڃا تائين غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.